ڪشمور ۾ پورهيت بيدردي سان قتل، تشدد ٿيل لاش هٿ

ڪشمور(ڊر) ڪشمور جي لائين پراڻي روڊ ڀرسان قائم کوسا مارڪيٽ ۾ گذريل رات ٿريشر مشين جي مستري پورھيت نوجوان ابوبڪر جکراڻي جو تشدد ٿيل حالت ۾ دڪان ٻاهران لاش مليو، مقتول جي جسم تي لٺين ۽ گيچي تي زخم جا نشان مليا، پوسٽ مارٽم نه ٿي سگهيو، ڪشمور  پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي وارثن جو چوڻ آهي ته سفر دين جکراڻي ٿريشر ويلڊنگ جو ڪم ڪندڙ مستري ھو ڪنھن سان ڪا دشمني ڪون ھئي، کيس جوابدارن قتل ڪيو آهي جاچ ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن، ٻئي پاسي مقتول ابوبڪر جکراڻي جو مڙهه سول اسپتال ڪشمور آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪھرام مچي ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.