گورنر کي هٽائڻ لاءِ عوامي راڄ تحريڪ جو مارچ، پوليس ڪڙڪي پئي، تشدد، گرفتاريون

ڪراچي (رپورٽر) گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ ۽ گورنر هائوس کي لساني تنظيم جي هيڊ ڪوارٽر بڻائڻ خلاف عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن بئرسٽر خليل احمد شاهه ۽ بلال لاکو جي اڳوڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد گورنر هائوس وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته اتي موجود پوليس اٽالن کين اڳتي وڃڻ کان روڪيو ته ڪارڪنن ۽ پوليس جي ڇڪتاڻ بعد پوليس ڳوڙها گئس جا گولا فائر ڪرڻ بعد ڪارڪنن مٿان لٺيون وسائي 8 ڪارڪنن کي گرفتار ڪري پريڊي ٿاڻي تي بند ڪري ڇڏيو، پوليس جي لٺبازي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي استعمال سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، ڪارڪنن تي بدترين تشدد ڪيو ويو، سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار به ڪارڪنن مٿان تشدد ڪندا رهيا، اڳواڻن خليل شاهه ۽ ٻين چيو ته سنڌ جو گورنر سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ جي سازش تيار ڪندي گورنر هائوس کي متحده گهر بڻائي ڇڏيو آهي،  هڪ پاسي پوليس سنڌ حڪومت جي حڪم تحت گورنر جي حمايت ۾ اسان جي خلاف بندوقون ۽ ڳوڙها گئس جو استعمال ڪيو، ملير کان ايندڙ قافلي کي به روڪيو ويو، خليل شاهه چيو ته روزي ۾ هئاسين، ڪارڪنن تي تشدد ڪيو ويو، سڌا فائر ڪيا ويا، پوليس سان ڪنهن به قسم جي دشمني ناهي اسان جمهوري سياست تي يقين رکون ٿا، هڪ ئي مطالبو آهي ته گورنر کي هٽايو وڃي ٽسوري وفاق جو نمائندو آهي، پر نواز ليگ سنڌ خلاف سازش تي خاموشي اختيار ڪئي آهي، سنڌ جو گورنر هٽائي گورنر هائوس کي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي سازش ختم ڪرائي وڃي، اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته جيڪڏهن گرفتار ٿيل سڀئي ڪارڪنن کي فوري طور تي آزاد نه ڪيو ويو۽ مطالبا نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

ڪراچي ۾ عوامي راڄ تحريڪ جي مارچ تي طاقت جي استعمال جي مذمت ڪيون ٿا: قادر مگسي

حيدرآباد (پ ر) ڪراچي ۾ گورنر ٽسوري  خلاف عوامي راڄ تحريڪ پاران پرامن احتجاج دوران پوليس طرفان شيلنگ، لٺ بازي، تشدد ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين واري عمل جي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته  احتجاج جو جمهوري حق جي استعمال تي طاقت جو استعمال افسوسناڪ عمل آهي، جيڪو جمهوريت جي بنيادي اصولن جي کلي ڀڃڪڙي آهي، جمهوريت جي نالي ۾ پ پ پ آمريتي طرز حڪومت قائم ڪري ويٺي آهي، جتي عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ رياستي طاقت استعمال ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته سنڌ دشمن گورنر، پ پ پ جي رضا مندي سان گورنر هائوس ۾ ويٺل آهي، جنهن جي موجودگي صوبي ۾ سياسي تڪرار ۽ بيچيني کي وڌائي رهي آهي، سنڌ جا باشعور ماڻهو ڪڏهن به سنڌ دشمن قوتن کي سندن ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.