پيٽرول 8 رپيا ۽ ڊيزل 5 رپيا 16 پئسا في ليٽر مهانگو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي، پيٽرول 8 رپيا ۽ ڊيزل 5 رپيا 16 پئسا مهانگا ٿي ويا، حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، پڌرائي موجب پيٽرول جي قيمت ۾ في يلٽر 8 رپيا واڌ ڪئي وئي، جنهن بعد نئين قيمت 266 رپيا 17 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي، ان کان سواءِ ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 5 رپيا 16 پئسا اضافو ڪيو ويو، جنهن بعد ڊيزل جي نئين قيمت 280 رپيا 86 پئسا في لٽر مقرر ڪئي وئي آهي، ٻئي پاسي آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران جي حساس هنڌن تي حملن کان پوءِ پاسدارانِ انقلاب اهم اعلان ڪيو، جنهن سبب عالمي سطح تي تيل جي فراهمي متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، آمريڪا، اسرائيل  ۽ ايران ڇڪتاڻ بعد ملڪ ۾ وڌيڪ پيٽرول کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي، پر ترجمان اوگرا موجب ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو مناسب ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته ملڪ وٽ 28 ڏينهن جو اسٽاڪ پڻ موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.