سنڌ ۾ غيرقانوني افغانين خلاف آپريشن جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي  گهرو وزير  ضياءُ الحسن لنجار جي صدارت هيٺ رياست کي مضبوط بنائڻ، دهشتگردي جي  خلاف ڪميٽي جي فعاليت وڌائڻ ۽ صوبي ۾  گڏيل امن و امان جي  صورتحال بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو.اجلاس دوران لاڳاپيل شعبن پاران سيڪيورٽي  قدمن، دهشتگردي خلاف حڪمت عملي، اسٽريٽ ڪرائمز، منشيات ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام بابت الڳ الڳ تفصيلي بریفنگز ڏنيون ويون.ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو ته موجوده حالتن ۾ دهشتگردي انسانيت خلاف سڀ کان وڏو هٿيار آهي ۽ رياست جي رٽ کي هر صورت ۾ برقرار رکيو ويندو. هن چٽن لفظن ۾ چيو ته جيڪي عنصر قانون کي چيلنج ڪندا اهي پنهنجي انجام کي پهچندا. هن ان عزم کي ورجايو ته سنڌ صوبي کي دهشتگردن لاءِ ڪنهن به صورت ۾ محفوظ پناهگاهه بڻجڻ نه ڏنو ويندو.هن هدايت ڪئي ته صوبائي سطح تي تمام داخلي ۽ خارجي رستن تي لاڳاپيل ادارن جون گڏيل چيڪ پوسٽون قائم ڪيون وڃن جيڪي هر وقت الرٽ ۽ فعال رهن. سيف سٽي منصوبي تحت ڪراچي ۾ جديد ڊرون سرويلنس جي شروعات جلد ڪئي ويندي غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهي  وطن کان ھجرت ڪندڙن خاص طور تي افغان شهرين بابت گهرو وزير هدايت ڪئي ته جن ماڻهن وٽ قانوني دستاويز يا اجازت ناما موجود ناهن، انهن کي فوري طور تي قانون موجب واپس موڪليو وڃي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي دير يا عذر کي ناقابلِ قبول قرار ڏنو ويو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.