فيبروري26، 2026 تي سائين مظهر الحق صديقي جو لاڏاڻو پاڪستان جي ادارتي تاريخ ۾ هڪ ڊگھي انتظامي عهد جي پڄاڻي آهي. سندن تعلق سول سرونٽس/ نوڪرشاھي جي ان پيڙھي سان هو، جن لاءِ رياست ڪو تجريدي (ايبسٽريڪٽ ) تصور نه پر هڪ زندهه ۽ متحرڪ بناوٽ هئي، جيڪا قاعدن، فائلن، مالي ضابطن ۽ تسلسل جي آڌار تي قائم رهندڙ آھي. سندن حياتي پاڪستان جي بيوروڪريسي/افسرشاھي جي اعليٰ عھدن، يونيورسٽين جي ڏُکيرن لاهن چاڙهن ۽ هڪ وڏي خانگي ميڊيا اداري (ھم) جي سربراهي تائين پکڙيل هئي. ھڪ مقصد ڀري، ڪامياب عملي زندگي گذاريندي، ھنن اهڙا نقش ڇڏيا آهن جيڪي اڄ به سنڌ جي انتظامي ۽ تعليمي اڏاوت (آرڪيٽڪچر) تي اثرانداز ٿي رهيا آهن.
صديقي صاحب نه ته ڪو عوامي مقبوليت جو گھُرجائو اصلاح پسند هو ۽ نه ئي وري نظرياتي منشورن جو پؤلڳ ڪو دانشور. هو پنهنجي جوهر ۾ هڪ ڪلاسيڪي انتظامي ماهر (ايڊمنسٽريٽر ) ۽ ادارتي اڳواڻ هو، جنهن جو پختو ويساهه هو ته ادارا رڳو جذباتي اتساهه سان نه پر نظم ۽ ضبط (ڊسيپلن) سان ئي قائم رھي سگهندا آهن. هڪ اهڙي رياست جتي ادارا طاقتور ڌرين جي دٻاءُ سبب ھر موسم ۾ ڌوُڻبا رهيا آهن، ھنن جو ڪيريئر هڪ اڻلڀ مثال آهي ته ڪيئن بيوروڪريٽڪ / افسري صلاحيت، طاقت ۽ اڳواڻي مختلف حڪومتن ۽ حالتن ھوندي پاڻ کي مستحڪم رکي ٿي ۽ وقت آهر پاڻ کي نئين سر جوڙي ٿي.
تخليقي سال ۽ مستقل رياست جو مزاج
سال 1935 ۾ پيدا ٿيندڙ صديقي صاحب جي ذهني اوسر نوآباتي / بيٺڪي دور جي پڄاڻي ۽ پاڪستان جي شروعاتي سماجي ۽ سياسي لوڏن واري دور ۾ ٿي. انھي تاريخي پسمنظر هڪ مخصوص انتظامي مزاج کي جنم ڏنو ھو، جنهن جو بنياد ان يقين تي هو (۽ ڪي قدر اڄ پڻ آھي) ته سياست هڪ اچڻي وڃڻي شي آهي جڏهن ته سول سروس / افسر شاھي رياست جو "مستقل پيل پاوو” آهي. 1957 ۾ اِنڪم ٽيڪس کاتي ۾ شموليت کين نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي مالي مرڪز ۾ آڻي بيهاريو، جتي اختيار جو استعمال ڳالھين يا تقريرن جي بجاءِ قانوني طريقيڪار، آڊٽ ۽ قاعدن جي سخت پيروي ڪندي ۽ ڪرائيندي ڪيو ويندو هو.
مالياتي انتظاميا جي انهيءَ تجربي سندس ان يقين کي وڌيڪ پختو ڪيو ته مالي نظم ۽ ضبط ئي حڪمرانيءَ جوڪرنگهي جو هڏو آهي. اهو ئي سبب هئو جو اڳتي واري پنڌ ۾ ھُنن يونيورسٽين کي اهڙي سرڪاري اداري طور ڏٺو جن کي انتظامي هم آهنگي ۽ مالي استحڪام جي سخت ضرورت هئي.
روينيو انتظاميا کان صوبائي اختيارن تائين
ٽيڪس جي شعبي ۾ صديقي صاحب جي نوڪري ۾ اڳڀرائي، پاڪستان جي ان دور ۾ ٿي جڏهن رياست جي سرپرستي ۾ صنعتي واڌاري جون ڪوششون ٿي رهيون هيون. پر سندن شخصيت ۾ سڀ کان اهم موڙ تڏهن آيو جڏهن هنن سنڌ جي صوبائي سيڪريٽريٽ ۾ قدم رکيو، جتي سيڪريٽري تعليم، سيڪريٽري فنانس ۽ سيڪريٽري سروسز طور خدمتون سرانجام ڏنيون.سيڪريٽري تعليم طور هنن سنڌ جي تعليمي نظام ۾ موجود گوسڙو ادارن، سياسي رنگ ۾ رڱيل ڪيمپسز ۽ انتظامي جمود جهڙن بحرانن جو مقابلو ڪيو. انڪري ئي سندن نظر ۾ تعليمي زوال جو بنيادي ڪارڻ علمي صلاحيت جي کوٽ نه، پر طرز حڪمرانيءَ جي ناڪامي هئي. اها ئي تپاس اڳتي هلي سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سندن تعميري ڪردار جي بنياد بڻي.
ڄامشورو: نظم، اختيار ۽ يونيورسٽي
صديقي صاحب جي وائيس چانسلر طور پهرين مقرري جنرل ضياءُ جي سخت آمريت (1984-88) واري دور ۾ ٿي، جڏهن ڪيمپس اڳي ئي سخت نگرانيءَ هيٺ هئا ۽ شاگرد سياست کي لتاڙيو ويو هو. يونيورسٽي ۾ شھيد احسان ميمڻ جو واقعو ٿي چڪو ھو، جمھوريت جي بحالي/ ايم آر ڊي جي تحريڪ ھلي چڪي ھئي، ٽوڙھي ڦاٽڪ وارو واقعو، ھاسٽلن کي ديوارون ۽ ٻيا ڪئي سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ شاگردن سان لاڳاپيل خطرناڪ واقعا ٿيا۔ اھڙين سالن ۾ يونيورسٽي جي اڳواڻي ڪندي سندن بنيادي مقصد اصلاحات بجاءِ استحڪام هو، کين اھڙين ڳنڀير حالتن ۾ يونيورسٽي کي ھلائڻو ھو، بنيادي نظم ۽ ضبط قائم ڪرڻو هو۔
صديقي صاحب جو يونيورسٽي وارو ٻيو دور(2001-2008) وڌيڪ تبديليءَ وارو ثابت ٿيو. اعليٰ تعليم جي ملڪي سطح تي واڌاري سان گڏ، هن دور ۾ يونيورسٽين کي بھتر بجيٽون مليون، اڏاوتي ڪم ٿيا، ۽ فيڪلٽي جي ترقيءَ لاءِ نظام جوڙيو ويو. سندن نگرانيءَ ۾ ڪيمپس جو وڌاءُ، فيڪلٽي/ استادن ۾ واڌارو ۽ ٻاهرين ملڪ پي ايڇ ڊي ڪرائڻ جهڙا پروگرام ادارتي شڪل اختيار ڪري ويا، جنهن يونيورسٽيءَ جي علمي نقشي کي ايندڙ وقت لاءِ بدلائي ڇڏيو.
ان دور سندن ڪيريئر جي بنيادي عملي گھاڙيٽن جي چٽن اثرن کي آڏو آڻي رکيو. استادن/ فيڪلٽي ميمبرن ايئن اعتراض اٿاريا ته سائين بيوروڪريٽڪ / افسرشاھي حڪمن (Fiat) ذريعي انتظام هلائي رهيو آهي ۽ علمي وھنوار کي رڳو انتظامي پورائي تائين محدود ڪري رهيو آهي. اها ڇڪتاڻ ذاتي نه پر ساختي/ اسٽرڪچرل هئي، جيڪا هڪ انتظامي ماهر جي منطق ۽ خودمختياري چاهيندڙ علمي برادريءَ جي وچ ۾ هڪ ڳوُڙھو ٽڪراءُ هو.
وفاقي بيوروڪريسيءَ ۾ ڪردار
ڄامشورو جي ھوائن کانسواءِ ، صديقي صاحب جو وفاقي ڪيريئر رياست جي حساس کاتن جي ادارتي اڳواڻي تي ٻڌل هو. سائين سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ طور سول سروس ۾ مقررين، ترقين ۽ ڪيريئر جي فيصلن تي اھم اثر وڌا۔ ان کان پوءِ اڪانومڪ افيئرز ، ايجوڪيشن، اسٽيٽسٽڪس ۽ يوٿ افيئرز ڊويزن جي سربراهي ڪندي هنن عالمي ترقياتي ماليات، آدمشماري جي انتظام ۽ بين الصوبائي پاليسي سازيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. صديقي صاحب لاءِ حڪمراني ڪڏهن به نظرياتي وابستگي جو معاملو نه هئي. اهو انتظامي صلاحيت ۽ رياست جي مشينريءَ کي مسلسل سياسي لاهن چاڙهن باوجود فعال رکڻ جو نالو هو ۽ ان کي عمل ۾ آڻڻ ۾ ڪافي حد تائين ڪامياب پڻ ٿيو.
اعزاز، مڃتا ۽ ادارتي اعتبار
جيتوڻيڪ مظهر الحق صديقي شهرت جو گهُرجائو نه هو، پر سندن ڏھاڪن تي ٻڌل خدمتن کي قومي سطح تي مڃيو ويو. پبلڪ ايڊمنسٽريشن ۽ اعليٰ تعليم ۾ سندس مستحڪم ڪردار جي اعتراف ۾ کيس 2005 ۾ پاڪستان جي اعليٰ شهري اعزازن مان هڪ "ستارهِ امتياز” سان نوازيو ويو. جنھن جي سرڪاري تقريب 2006۾ ٿي۔ پر اعزازن کان وڌيڪ، سندس اصل مڃتا "ادارتي اعتماد” ۾ هئي. کيس ورائي حساس وفاقي کاتن ۾ مقرر ڪيو ويو، سياسي طور تي ٻرندڙ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور ذميواريون ڏنيون ويون، ۽ کين قانوني سرچ ڪميٽين جو مستقل رڪن بڻايو ويو. اهڙي مڃتا رياست جي اعليٰ سطح تي گهري اعتماد کانسواءِ ممڪن ناهي. سنڌ جي يونيورسٽين پاران پڻ ادارتي استحڪام ۽ انتظامي سڌارن ۾ سندس ڪردار کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو ويو.
ادارتي تسلسل: سرچ ڪميٽيون ۽ ساختي جٽاءُ
ريٽائرمينٽ کانپوءِ به صديقي صاحب جو اثر علمي يا عملي طور گهٽ نه ٿيو. وائيس چانسلرن جي چونڊ لاءِ جوڙيل سرچ/ ڳولائو ڪميٽين جي مستقل رڪنيت ذريعي سائين سنڌ ۾ اعليٰ تعليم جي حڪمرانيءَ کي ترتيب ڏيڻ جاري رکيو. وقت سان گڏ، خالص علمي شخصيتن جي بجاءِ انتظامي صلاحيت رکندڙ اميدوارن کي ترجيح ملڻ لڳي، جنهن يونيورسٽي جي اڳواڻي کي آهستي آهستي بيوروڪريٽڪ / افسري رنگ ڏنو. اهو لاڙو آخرڪار 2025 جي "سنڌ يونيورسٽيز امينڊمينٽ بل” جي صورت ۾ قانون بڻجي سامهون آئي، جنهن تحت سينئر آفيسرن لاءِ وائيس چانسلر بڻجڻ جا رستا قانوني طور کلي ويا. شايد ڪنهن سي ايس ايس يا پي سي ايس آفيسر جي ذهن ۾ هي مٿانهون احساس هجي ته "اسين ئي سڀ کان بهتر آهيون”، پر حقيقت ۾ هن قانون ڪو نئون ماڊل ايجاد نه ڪيو، بلڪه ان انتظامي منطق کي قانوني شڪل (Codify) ڏني جنهن جي صديقي صاحب ڏهاڪن کان نمائندگي ڪئي هئي.
خانداني ادارو ۽ ڪارپوريٽ حڪمراني: ‘هم نيٽ ورڪ’
صديقي صاحب جي ‘هم نيٽ ورڪ ليمٽيڊ’ ۾ ڪردار کي ان جي صحيح خانداني گھاڙيٽي ۾ سمجهڻ ضروري آهي. هم نيٽ ورڪ هڪ خانداني ادارو هو، جنهن جو بنياد سندن ڀيڻ سلطانه صديقي صاحبه وڌو ۽ ان جي تخليقي اڳواڻي ڪئي. مظهر الحق صديقي صاحب جي چيئرمين طور موجودگي ڪنهن نئين راھ جي بجاءِ تسلسل جي علامت هئي. اهو رياستي بيوروڪريٽڪ ڊسپلن/ افسرشاھي کي خانداني ڪارپوريٽ فضا ۾ منتقل ڪرڻ جو عمل هو. صديقي صاحب جي ڪردار اداري کي انتظامي استحڪام، قانوني تعميل ۽ ادارتي ساک فراهم ڪئي، جڏهن هي نيٽ ورڪ هڪ پبلڪ لسٽيڊ ميڊيا آرگنائيزيشن طور اڀريو. هي ترتيب پاڪستان جي اشرافيه خاندانن ۾ هڪ وسيع لاڙي جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي انتظامي، مالي ۽ ثقافتي سرمايو هڪ ئي خانداني نيٽ ورڪ ۾ گڏ هوندو آهي.
هڪ انتظامي دور جي پڄاڻي
مظهر الحق صديقي جي وفات پاڪستان جي آزاديءَ کان پوءِ واري بيوروڪريٽڪ مزاج جي آخري پاسبانن مان هڪ جو لاڏاڻو آهي. صديقي صاحب پنهنجي علمي ۽ عملي ورثي ۾ انتظامي منطق سان جڙيل يونيورسٽيون، پنهنجي فيصلن سان اثرانداز ٿيل سول سروس، ۽ حڪمرانيءَ جا اهڙا گھاڙيٽا ڇڏيا آھن جيڪي ڳالھين کان وڌيڪ نظم ۽ ضبط کي مقدم سمجهن ٿا. سندس ورثو هميشه مختلف پاسن کان پرکيو ويندو. ڪن لاءِ هو هڪ غير يقيني حالتن کي منھن ڏيندڙ رياست ۾ استحڪام جي علامت هو، ته ڪن لاءِ هو علمي ۽ فڪري زندگي کي بيوروڪريٽڪ/ افسرشاھي بڻائڻ جو محرڪ ڏٺو ويو. پر تاريخ کين ساختي اثرن جي حساب سان پرکيندي. صديقي صاحب صرف ادارن جو هڪ منتظم نه هو، پر هو خود ادارتي شڪل جو هڪ معمار هو.