ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ ٻيهر واڌ ٿي وئي آهي، اڄ في تولو سون هڪ هزار 300 رپيا مهانگو ٿي ويو.
آل پاڪستان سرافه جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب هن واڌ کان پوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 4 لک 76 هزار 162 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جو ملهه هڪ هزار 115 رپيا وڌي 4 لک 8 هزار 232 رپيا ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 13 ڊالر وڌي 4 هزار 538 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.