ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان پيپلز پارٽي کي اسٽيبلشمينٽ جي ”اي پلس ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو.
ادارا نور حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي شهر ۾ عيدالاضحيٰ دوران صفائي سٿرائي جي صورتحال اطمينان بخش نه رهي، تنهنڪري مقامي حڪومتن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ ضروري آهي.
پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي بابت هن چيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 122 رپيا گهٽتائي ٿيڻ گهرجي ها. حڪمرانن کي پنهنجون عياشيون ختم ڪرڻيون پونديون. هن تجويز ڏني ته ايندڙ ٽن سالن لاءِ پيٽرول جي قيمت 250 رپيا في ليٽر تي مقرر (لاڪ) ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته معيشت جو ڦيٿو هلائڻ ضروري آهي، نه ته ملڪ ڏيواليي طرف وڃي سگهي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تڪرار ۾ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. حڪومت کي ٻڌائڻ گهرجي ته پاڪ-ايران گيس پائيپ لائين منصوبي تي ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي. هن مطالبو ڪيو ته ايران سان آزاد واپار جو اعلان به ٿيڻ گهرجي.
جماعت اسلامي جي امير چيو ته پگهاردار طبقو هميشه ٽيڪس ادا ڪندو رهيو آهي ۽ 605 ارب رپين جو ٽيڪس به انهيءَ طبقي ادا ڪيو آهي، جڏهن ته ايف بي آر جي 25 هزار ملازمن جو ٽيڪس وصوليءَ ۾ ڪردار تقريباً ٻڙي آهي.
سندس چوڻ هو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ نالو ته بينظير جو آهي، پر ڪم بي ضمير ماڻهن وارو آهي. پاڪستان جي عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيسجي رهي آهن. هن الزام هنيو ته پيپلز پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي اي پلس ٽيم آهي، وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ سنجيدا ناهي، جڏهن ته ايم ڪيو ايم هر دور ۾ حڪومت جو حصو رهي آهي.
غزا جي صورتحال بابت ڳالهائيندي هن چيو ته غزا جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. آمريڪا اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ۽ آمريڪا ۾ جيڪي شاگرد غزا جي حق ۾ آواز اٿارين ٿا، تن کي يونيورسٽين مان ڪڍيو وڃي ٿو.
ٻئي پاسي سنڌ حڪومت جي ترجمان عيدالاضحيٰ دوران ڪراچي ۾ صفائي جي انتظامن بابت حافظ نعيم الرحمان جي تنقيد کي رد ڪري ڇڏيو.
ترجمان سنڌ حڪومت جماعت اسلامي تي الزام لڳايو ته هنن سالڊ ويسٽ جي گاڏين تي پنهنجا جهنڊا لڳايا ۽ کلون گڏ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو. ترجمان موجب عيدالاضحيٰ دوران صفائي جو بهترين آپريشن ڪيو ويو ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ ٽن ڏينهن اندر هڪ لک ستر هزار ٽن کان وڌيڪ آلائشون کڻيون.
ترجمان وڌيڪ چيو ته عوامي خدمت بدران کلن جي پٺيان لڳندڙ ماڻهن کي پنهنجو نظام ۽ ترجيحون تبديل ڪرڻ گهرجن. جتي جماعت اسلامي ڪم نه ڪيو، اتي جيالي ميئر عملي ڪم ڪري ڏيکاريو آهي.