جيل ۾ اوهان وٽ اک جو علاج ناهي، دل جو ڪيئن ڪندئو؟ جسٽس عقيل عباسي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ قتل جي جوابدار دلاور خان جي طبي بنيادن تي ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي دوران، جسٽس عقيل عباسي رمارڪس ڏنا ته جيل ۾ اکين جو علاج به موجود ناهي، دل جو علاج ڪيئن ٿيندو؟ ٻڌڻي دوران، عدالت پشاور ڪارڊيالوجي جي ڊاڪٽرن تي ٻڌل هڪ ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو ۽ 9 مارچ تائين رپورٽ طلب ڪئي. بچاءُ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار دل جي بيماري ۾ مبتلا آهي ۽ حيات آباد ميڊيڪل ڪمپليڪس جي رپورٽ آپريشن جي سفارش ڪئي آهي، پر جيل ۾ مناسب طبي سهولتون موجود نه آهن. جسٽس ملڪ شهزاد پڇاڻو ڪيو ته ڇا جوابدار هن وقت مردان جيل ۾ قيد آهي يا نه؟ عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٽرائل ڪورٽ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ درخواستون رد ڪري چڪيون هيون. ڪيس جو ٽرائل اڃا تائين التوا ۾ آهي جڏهن ته هڪ جوابدار مفرور آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.