اسلام آباد (بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف جي پارليامينٽ ميمبرن سپريم ڪورٽ ٻاهران احتجاج ڪيو. پي ٽي آءِ پارليامينٽميمبرن مطالبو ڪيو ته عمران خان جا ڪيس مقرر ڪيا وڃن ۽ کيس سندس خاندان سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علاما راجا ناصر عباس، سلمان اڪرم راجا، عامر ڊوگر، شفيع جان، محمد حسين، شاهد خٽڪ ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي. احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙن باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ذاتي ڊاڪٽرن کان معائنو ڪرائڻ جو به مطالبو ڪيو.