اسلام آباد (منيب فاروق) پنجاب حڪومت کي واضح ڪرڻ گهرجي ته تازو خريد ڪيل نئون جهاز ذاتي استعمال لاءِ نه پر سرڪاري ضرورتن کي نظر ۾ رکندي حاصل ڪيو ويو. پراڻو جهاز مڪمل طور تي استعمال لائق نه رهيو هو، ۽ نئون سامان سرڪاري منصوبن ۽ اعليٰ اهلڪارن جي چر پر لاءِ استعمال ٿيندو. اهو سامان رياست جي ملڪيت آهي ۽ عوام ۾ شفافيت ۽ وضاحت ضروري آهي ته جيئن غلط فهميون پيدا نه ٿين. هي ملڪيت مستقبل ۾ ڪيترن ئي سالن تائين سرڪاري استعمال لاءِ دستياب رهندي ۽ ڪنهن به فرد جي ذاتي ملڪيت نه آهي. ايئر پنجاب سان هن معاملي جو ڪو تعلق نه آهي ۽ اطلاعات واري وزير کي اهڙو بيان ڏيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته پهرين کيس غلط ڄاڻ هئي ۽ حڪومت کي صحيح وضاحت ڏيڻ ضروري هئي.
مريم نواز کان پوءِ آرمي چيف لاءِ به مهانگو جهاز؟
لاهور( سيد عمران شفقت)مريم نواز جي جهاز کان شروع ٿيندڙ بحث پاڪستان جي سڀ کان طاقتور ماڻهن جي جهازن تائين وڃي پهتو۔ اتي به ڳالهه نه رڪي، آرمي چيف صاحب جي مبينه جهاز تائين پهچي وئي۔چيو پيو وڃي ته مريم بي بي جو جهاز لڳ ڀڳ ڏهه کان يارهن ارب رپين جوآهي، جيڪو گلف اسٽريم جي فائيئو (Gulfstream G5) سيريز سان تعلق رکي ٿو۔ جڏهن ته رپورٽن موجب گلف اسٽريم جي سڪس هَنڊرڊ (Gulfstream G600) سيريز جو جهاز، جيڪو آرمي چيف سان منسوب ڪيو پيو وڃي، ان جي قيمت ويهه ارب رپيا ٻڌائي وڃي ٿي۔هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا واقعي اهڙو جهاز خريد ڪيو ويو آهي يا نه؟ جيڪڏهن خريد ڪيو ويو آهي ته ڪهڙي مقصد لاءِ؟ ۽ هڪ ٻئي جي جهازن بابت خبرون ليڪ ڪيئن ٿي رهيون آهن؟ جيڪڏهن ڪو جهاز سرڪاري ضرورت تحت خريد ڪيو ويو آهي ته ان جا تفصيل عوام سان شيئر ٿيڻ گهرجن۔ پئسا عوام جا آهن، تنهنڪري جوابدهي به لازمي آهي۔جيڪڏهن اڳ ۾ به وزيراعليٰ وٽ جهاز هو ۽ هاڻي نئون خريد ڪيو ويو آهي ته ٻڌايو وڃي ته پراڻو ڇو تبديل ڪيو ويو؟ ڇا اهو پراڻو ٿي چڪو هو؟ ڇا نئون جهاز وڌيڪ ڪارآمد آهي؟ قيمت ۾ ڪيترو فرق آهي؟ ڊالر جي ريٽ ۾ واڌ سبب خرچ وڌيو آهي؟پاڪستان تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن دعويٰ ڪئي آهي ته آرمي چيف لاءِ به گلف اسٽريم G600 جهاز خريد ڪيو ويو آهي۔ ڪجهه ماڻهن وضاحت ڏني ته اهو ذاتي استعمال لاءِ نه، پر آرمي ايوي ايشن ڪور لاءِ آهي۔ بهرحال، سوال اهو اٿاريو پيو وڃي ته جيڪڏهن اهو فوج لاءِ آهي ته ان جو استعمال ڪير ڪندو؟پ پ اڳواڻ نديم افضل چن چيو ته جيڪڏهن شفافيت گهرجي ته پوءِ سڀني طاقتور ماڻهن جا جهاز ظاهر ڪيا وڃن ڪنهن وٽ ڪيترا جهاز آهن ۽ انهن جي قيمت ڇا آهي؟
اشرافيه لاءِ جهازن تي آءِ ايم ايف خاموش ڇو آهي؟ فواد چوڌري
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي تازي بيان ۾ سوال اٿاريو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان ۾ ايترو ناپسند ڇو آهي؟آءِ ايم ايف ان وقت خاموش رهي ٿي جڏهن اربين رپيا اشرافيه لاءِ جهازن تي خرچ ڪيا وڃن ٿا،پر جڏهن معيشت جي اصل طاقت هاري، مزدور ۽ صنعت کي رليف ڏيڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اُتي رڪاوٽ وڌي وڃي ٿي،آءِ ايم ايف بورڊ کي گهرجي ته پاڪستاني ٽيم کي انهن غريب مخالف پاليسين بابت پڇاڻو ڪري