پنجگور ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، 6 ڄڻا قتل، 2 گاڏين کي باهه

پنجگور (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي پنجگور جي سرحدي علائقي چيدگي دستڪ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 6 ڄڻا موقعي تي ئي قتل ٿي ويا، جڏهن ته حملي کان پوءِ ٻن گاڏين کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو، پوليس ذريعن موجب واقعو پنجگور شهر کان لڳ ڀڳ 60 ڪلوميٽر پري پيش آيو، جتي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، 6 ماڻهو قتل ٿي ويا، مقتولن مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ دائود ولد عوض جان ۽ سليم ولد حاجي فيض محمد طور ٿي آهي، جيڪي سرحدي ڳوٺ نڪر جا رهواسي هئا، جڏهن ته ٻين چئن ڄڻن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي نوعيت بابت حتمي طور ڪجهه نٿو چئي سگهجي، امڪان آهي ته دهشت گردي جو واقعو هجي، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪري جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.