ڪوئيٽا (م ڊ) دهشتگرد سليم بلوچ جي مارجڻ واري دعويٰ کان پوءِ گم ٿيل ماڻهن جي بيانيي بابت نوان سوال اٿاريا ويا آهن. رپورٽ موجب، سليم بلوچ، جيڪو 31 جنوري تي بلوچستان ۾ ٿيل حملن ۾ ملوث هو، تربت ۾ سيڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ مارجي ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارت سان لاڳاپيل عنصرن ۽ را سان لاڳاپيل سوشل ميڊيا اڪائونٽس پڻ سليم بلوچ جي موت جي تصديق ڪئي آهي. آفيسرن موجب، هو تازين دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم هو. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ڪجهه حلقا کيس گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ۾ شامل ڪري رهيا هئا. مستونگ، قلات ۽ گوادر ۾ اڳ ۾ به مارجي ويل ڪيترن ئي ماڻهن بابت اهڙيون دعوائون ڪيون ويون آهن. تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي بيانيي کي ڪجهه عنصر دهشتگردي لاءِ همدردي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪن ٿا، جڏهن ته، انهن دعوائن جي آزاداڻي طور تي تصديق ڪرڻ جي ضرورت آهي.