اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جبري گمشدگي جي ڪيس ۾ بچاءَ واري سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪيو آهي ۽ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن عدالتي حڪم تي عمل نه ڪيو ويو ته توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي سگهي ٿي. جسٽس محسن اختر ڪياني عمر عبدالله جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪندي رمارڪس ڏنا ته جبري گمشدگين تي عدالتي فيصلا موجود آهن پر لاڳاپيل آفيسرن خلاف ڪارروائي جا تفصيل فراهم ناهن ڪيا ويا. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا لاپتا ماڻهن جي معاملي تي ان ڪئميرا بريفنگ ڏني ويندي؟ ٻڌڻي دوران ٻڌايو ويو ته درخواست گذار 2013 کان گم آهي جڏهن ته خاندان کي حڪومت طرفان مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي. عدالت ٻڌڻي 26 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.