تهران (م ڊ) ايراني صدر مسعود پزيشڪيان چيو آهي ته آمريڪا سان ڳالهين جا حوصلا افزا اشارا مليا آهن، ۽ اهي آمريڪي ڪاررواين جي ويجهڙائي سان نگراني ڪري رهيا آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان جاري ڪندي، ايراني صدر مسعود پزيشڪيان چيو ته ايران خطي ۾ امن ۽ استحڪام آڻڻ لاءِ پرعزم آهي. تازين ڳالهين ۾ عملي تجويزن جي مٽاسٽا ٿي ۽ حوصلا افزا اشارا مليا. ايراني صدر چيو ته اسان آمريڪي ڪاررواين جي ويجهڙائي سان نگراني ڪري رهيا آهيون ۽ ڪنهن به ممڪن صورتحال لاءِ سڀ ضروري تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. ان کان اڳ، ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته خميس تي جنيوا ۾ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف سان ملاقات ٿي سگهي ٿي. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ايران تي حملو ڪري ٿو ته اسان کي پنهنجو دفاع ڪرڻ جو پورو حق آهي. هن اهو پڻ چيو ته سفارتي حل جو سٺو امڪان آهي.