پرڏيهي سيڙپ ڪاري جمود جو شڪار،آفريڪا جا 9 ملڪ به پاڪستان کان اڳتي

اسلام آباد/دبئي(ڪامران خان)پاڪستاني سيڙپ ڪار پاڻ هتي پئسو لڳائڻ کان ڪيٻائين ٿا، ته پوءِ پرڏيهي سيڙپ ڪار ڪهڙي همت سان هتي سيڙپ ڪاري ڪندا؟ مسئلو عارضي ناهي، اهو هاڻي هڪ پراڻو ۽ لڳ ڀڳ لاعلاج بيماري بڻجي چڪو آهي۔ جڏهن غير ملڪي ئي نه پر مقامي سيڙپ ڪار به پوئتي هٽڻ لڳن، ته اها معيشت لاءِ خطريجي گهنٽي هوندي آهي۔گذريل پنجويهن سالن دوران پاڪستان ۾ پرڏيهي سڌي سيڙپ ڪاري تقريباً جمود جو شڪار رهي آهي۔ وڏي آبادي ۽ وسيع مارڪيٽ هجڻ باوجود، پاڪستان سراسري طور هر سال رڳو لڳ ڀڳ ٻه ارب ڊالر جي سڌي پرڏيهي سيڙپ ڪاري  حاصل ڪري سگهيو آهي، اڄ صورتحال اها آهي ته نه رڳو عالمي سيڙپڪار محتاط آهن، پر مقامي سرمايو به ملڪ کان پري رهڻ کي ترجيح ڏئي رهيو آهي۔غير يقيني پاليسيون، بار بار ٽيڪسن ۾ واڌ، مهانگي توانائي، ڪمزور ادارا ۽ طاقتور غير دستاويزي معيشت  انهن سڀني سيڙپڪاري جي ماحول کي سخت متاثر ڪيو آهي۔ قانون تي عمل ڪندڙ ڪاروبار دٻاءَ هيٺ آهن، جڏهن ته بغير ٽيڪس ڏيندڙ نظام فائدي ۾ آهن۔ اهي ئي سبب آهن جن پاڪستان کي هڪ “هاءِ رسڪ مارڪيٽ” بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن معيشت پاڻ ڪارڪردگي نه ڏيکاري ته پوءِ رڳو قرضن تي ئي گذارو ڪيو وڃي ٿو،تازو ڪجهه عرصي ۾ ڪيترين ئي ملٽي نيشنل ڪمپنين پاڪستان مان پنهنجو ڪاروبار ختم ڪري ڇڏيو آهي، انهن ۾ ٽوٽل، شيل، پروڪٽر اينڊ گيمبل، فائزر، وارد،بائير، سيمنز،ٽيلي نار جهڙيون ڪمپنيون شامل آهن، انهن ڪمپنين جو نڪرڻ پاڪستان جي نظام تي عالمي سيڙپ ڪارن جي بي اعتمادي جو واضح اعلان هو، عالمي معيار مطابق پرڏيهي سڌي سيڙپ ڪاري جي ڊي پي جو 3 سيڪڙو هئڻ گهرجي پاڪستان ۾ پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري  جي ڊي پي جو رڳو 0.45 سيڪڙو آهي، سال ۾ 12 ارب ڊالرن جي پرڏيهي سيڙپڪاري اچڻ گهرجي، ڀارت ۾ ساليانو 44 ارب ڊالر ۽ ويٽنام ۾ 14 ارب ڊالر سيڙپڪاري اچي رهي آهي، بورڊ آف انويسٽمينٽ جي اڳوڻي چيئرمين اظفر احسن چيو آهي ته اهو مسئلو نئون ناهي، پر ڏهاڪن جي پاليسي ناڪامين جو نتيجو آهي،اسان وٽ ايندڙ سالن ۾ 12 ارب ڊالر سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ٿيڻ گهرجي پر توهان ٻه ارب ڊالر کان به هيٺ اچي ويا آهيو،پاڪستان جي مقابلي ۾ 9 آفريڪي ملڪن بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري آهي،هن چيو ته گذريل سال ايٿوپيا جهڙي ملڪ ۾ 4 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي،مسئلو اهو آهي ته اسان ايڊهاڪ ازم جو شڪار آهيون،15 سالن ۾ ايف بي آر جا 18 چيئرمين تبديل ٿيا،سيڙپڪاري بورڊ ۾ گذريل 13 سالن ۾ 11 چيئرمين تبديل ٿيا،15 سالن ۾ 20 کان 25 ناڻي وارا سيڪريٽري تبديل ڪيا ويا،

اسٽاڪ مارڪيٽ جو سيڙپ ڪار اينٽي عمران آهي:معاشي ماهر

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)معاشي ماهر علي خضر چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ جو سيڙپ ڪار اينٽي عمران آهي،جڏهن به هن جي آزادي جي اميد پيدا ٿئي ٿي اهو پئسا ڪڍي ڇڏي ٿو،هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ هن چيو ته عمران خان اقتدار جي اقتدار کان اڳ هي مارڪيٽ ۾ 55 هزار پوائنٽن تي وئي هئي،عمران خان حڪومت ۾ آيو،ان دوران ڪورونا وبا اچي وئي ته هي مارڪيٽ 40 هزار پوائنٽن تي هلي وئي،هن جي حڪومت دوران اسٽاڪ مارڪيٽ 30 کان 40 هزار پوائنٽ رهي،هن چيو ته لاهور ۾ منهنجا ڪجهه سيڙپڪار دوست آهن اهي سڀ عمران خان جا حمايتي آهن،انهن جو چوڻ آهي ته اسان چاهيون ٿا ته عمران خان ٻاهر اچي پر جنهن ڏينهن عمران خان ٻاهر آيو اسان مارڪيٽ مان پئسا ڪڍي ڇڏينداسين،هن چيو ته عمران خان جي آزادي جا ڏينهن ويجها آيا ته اسٽاڪ مارڪيٽ ويهندي ويندي.

حڪومتي دعوائن باوجود معيشت بدحال،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ به لڳاتار ٻاڙائي

اسلام آباد(مهتاب حيدر+وقار گيلاني) ملڪي معيشت بابت ڪا به سٺي خبر نظر نٿي اچي۔ حڪومت چوي ٿي ته وڏو شاندار ڪم ڪيو ويو آهي، پر جيڪي خبرون اچي رهيون آهن ۽ جيڪو بيانيو ٺهي رهيو آهي، ان مان لڳي ٿو ته حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن۔ غربت جا انگ اکر سامهون آيا آهن، جن موجب گذريل ڇهن سالن دوران غربت ۾ ست سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي۔ پنجاب، سنڌ ۽ ڪي پي (خيبر پختونخواهه) ۾ به غربت وڌي آهي، پر جيڪڏهن هڪ صوبي کي خاص ڏٺو وڃي ته بلوچستان ۾ تقريباً 47 سيڪڙو ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن،جڏهن ته گذريل 25–30 ڏينهن کان اسٽاڪ مارڪيٽ لڳاتار هيٺ اچي رهي آهي، ۽ ڪالهه  به پنج هزار پوائنٽن کان وڌيڪ ڪري پئي آهي۔ 2018۾ غربت جي شرح 21.9 سيڪڙو هئي، پر 2024–25 جي ڊيٽا موجب اها وڌي 28.9 سيڪڙو ٿي وئي آهي، صوبائي سطح تي ڏٺو وڃي ته غربت واڌ ۾ سنڌ اڳتي آهي، پر ڪل تعداد ۾ پنجاب ۾ وڌيڪ ماڻهو غربت جو شڪار ٿيا آهن، ڇاڪاڻ ته آبادي وڌيڪ آهي۔اسٽاڪ مارڪيٽ ۾گذريل ويهن ڏينهن ۾ لڳ ڀڳ 22 هزار پوائنٽن جي گهٽتائي آئي آهي، جنهن جو مطلب آهي ته اربين رپيا خاص ڪري ننڍن سيڙپڪارن جا ٻڏي ويا آهن۔ وڏا سيڙپڪار شايد بچي وڃن، پر ننڍو ۽ وچولو طبقو متاثر ٿيو آهي،ان جي سببن ۾ سياسي بي يقيني، ايف بي آر پاران ٽيڪس ٽارگيٽ پورو ڪرڻ لاءِ سخت قدم، سپر ٽيڪس بابت عدالتي فيصلو، ۽ عالمي سطح تي ايران–آمريڪا ڇڪتاڻ جهڙا عنصر شامل آهن۔مجموعي طور تي ملڪ ۾ غربت وڌي رهي آهي،امن امان جا مسئلا وڌي رهيا آهن،عالمي سطح تي ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي،حڪومت جي طرفان ڪو واضع “ڪائونٽر اسٽرٽيجي” نظر نٿي اچي۔ عوام لاءِ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته ڇا واقعي ميرٽ تي مقرريون ٿينديون؟ڇا غربت گهٽائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا؟ڇا معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪو حقيقي منصوبو آهي؟

ايس اي سي پي پاران پرڏيهي ڪمپنين جي ملڪ ڇڏڻ جي ترديد

اسلام آباد(بيورو)سڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان  تازو ميڊيا ۾ آيل رپورٽن کي رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان مان غير ملڪي ڪمپنين جي وڏي پيماني تي ٻاهر وڃڻ جون دعوائون “گمراهه ڪندڙ ۽ حقيقتن سان ٺهڪندڙ ناهن،” بيان موجب ڪجهه ميڊيارپورٽون غلط طريقي سان ايس اي سي پي جي ويب سائيٽ تي موجود غير ملڪي ڪمپنين جي بندش بابت ڊيٽا کي سمجهيون ويون آهن. اهي رپورٽون حقيقت سان مطابقت نٿيون رکن، خاص طور تي بندش جي سال بابت. SECP جي لسٽ هر ڪمپني جي نالي سان گڏ بندش جو سال واضح طور تي ڏيکاري ٿي، بيان ۾ وڌيڪ وضاحت ڪئي وئي آهي ته 2022 کان 2025 دوران رڳو 19 غير ملڪي ڪمپنين پنهنجو ڪاروبار پاڪستان ۾ بند ڪيو، جڏهن ته ساڳئي مدي ۾ 79 نيون غير ملڪي ڪمپنيون رجسٽر ٿيون. ميڊيا ۾ ذڪر ڪيل 125 ڪمپنين جي لسٽ حقيقت ۾ 1977 کان هاڻي تائين بند ٿيل ڪمپنين جو مجموعو آهي،

رمضان جو چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪميٽي جي اجلاس تي 20 لک رپيا خرچ

پشاور (م ڊ) ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي (سي آر سي) جي  تازي اجلاس تي 20 لک رپيا خرچ ڪيا، جنهن جي خيبرپختونخوا ڪابينا باضابطا طور تي منظوري ڏيندي. ذريعن موجب، چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو اجلاس 18 فيبروري تي پشاور ۾ ٿيو، جنهن ۾زونل ڪميٽي جي ميمبرن، موسمياتي کاتي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کاتي ۽ سپارڪو جي نمائندن شرڪت ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب، انهن خرچن جي منظوري 25 فيبروري تي ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس جي 18 نقاطي ايجنڊا ۾ شامل آهي. ٻڌايو ويو آهي ته رمضان جو چنڊ ڏسڻ جي انتظامن تي ڪل 20 لک رپيا خرچ ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.