ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي بارکان ۽ خضدار ضلعن ۾ مختلف ڪارروائين ۾ اڻڄاتل هٿياربندن 14 مزدورن کي اغوا ڪري ورتو. پوليسموجب، پهريون واقعو بارکان جي علائقي ايشاني ويجهو ڍولا درياءَ ۾ پيش آيو، جتي ڪرشنگ پلانٽ تي ڪم ڪندڙ ٽن مزدورن کي زبردستي کنڀيو ويو. اغوا ٿيل مزدورن جو تعلق موسيٰ خيل ضلعي سان ٻڌايو پيو وڃي. رپورٽن موجب، هٿياربند ماڻهن ساڳئي علائقي ۾ هڪ پوليس چيڪ پوسٽ تي به حملو ڪيو ۽ اهلڪارن کان هٿيار ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جي سرڪاري طور تي تصديق نه ٿي آهي. ٻيو واقعو خضدار جي ملا علائقي ۾ پيش آيو، جتي هڪ تعميراتي ڪمپني سان ڪم ڪندڙ 11 مزدورن کي اغوا ڪيو ويو. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جا مقصد اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيا آهن ۽ جاچ جاري آهي. اغوا ٿيل مزدورن مان 6 جو تعلق سنڌ سان آهي ۽ اهي ورلڊ بينڪ جي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا هئا. پوليس موجب، هٿياربند ماڻهن ملا ٽائون ۾ پوليس اسٽيشن مان هٿيار کڻڻ جي ڪوشش به ڪئي، پر ناڪام ٿي ويا.