آمريڪي سفير پاران اسرائيلي قبضي جي حمايت تي اسلامي ملڪن جو سخت رد عمل

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) پاڪستان سميت چوڏهن اسلامي ملڪن اسرائيل ۾ آمريڪي سفير مائيڪ هڪابي جي وچ اوڀر تي اسرائيلي ڪنٽرول بابت بيان تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. اسلامي سهڪار تنظيم، عرب ليگ ۽ نار سهڪار ڪائونسل جي هڪ گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهڙا بيان عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا ۽ علائقائي امن لاءِ خطرو آهن. هڪابي هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن اسرائيل قبضو ڪيل اولهه ڪناري ۽ ٻين علائقن تي قبضو ڪري ته ڪو مسئلو ناهي، ۽ بائبل جي حوالي سان اسرائيل جي ان حق جي ڳالهه ڪئي. هن بيان کان پوءِ، اسلامي ملڪن واضح ڪيو ته اسرائيل جو فلسطين يا ڪنهن به قبضو ڪيل عرب زمين تي ڪو به حق ناهي ۽ اولهه ڪناري جي آبادڪاري جي الحاق يا واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. سخت تنقيد کان پوءِ، هڪابي واضح ڪيو ته سندس بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو ۽ ڪجهه سازشي نظريا سوشل ميڊيا تي پکيڙيا ويا، جن جو ذريعو هن پاڪستان ۽ ترڪي سان ڳنڍيل اڪائونٽن کي قرار ڏنو. تجزئي نگارن موجب، گريٽر اسرائيل جو تصور تڪراري ۽ عملي طور تي ناقابل عمل آهي، پر بحث خطي ۾ تڪرار وڌائي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.