غزا امن بورڊ تي حڪمرانن جي خوشي اجائي آهي: اسدالله ڀٽو

ڪراچي (پ ر) ملي يڪجهتي ڪائونسل سنڌ جي صدر اسدالله ڀٽو چيو آهي ته غزا امن بورڊ دراصل ٽرمپ جو ٽريپ آهي، پاڪستان سميت مسلم حڪمرانن کي ٽرمپ جي ٽريپ ۾ هرگز نه اچڻ گهرجي، غزا امن بورڊ جي پهرين اجلاس ۾ اسرائيلي نمائندي جي شرڪت ۽ فلسطيني نمائندي کي ٻاهر رکڻ سان ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي چڪي آهي، اوٻاوڙو ۾ افطار دعوت اجتماع کي خطاب ڪندي اسدالله ڀٽو وڌيڪ چيو ته پاڪستاني حڪمرانن جو خوشي سان جهمريون هڻڻ فراڊ کان سواءِ ڪجهه به ناهي، آمريڪي صدر ٽرمپ طرفان وزيراعظم شهباز شريف جي تعريف اسرائيل جي توسيع پسندانه عزمن کي هٿي ڏيڻ لاءِ آهي، ثابت ٿي ويو آهي ته غزا امن بورڊ دراصل اسرائيلي منصوبن جي تڪميل لاءِ وڇايل هڪ ڄار آهي، جنهن کان مسلم حڪمرانن کي پاڻ کي بچائڻ گهرجي، اسرائيل ۾ آمريڪي سفير طرفان گريٽر اسرائيل بابت تازا بيان مسلم حڪمرانن جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهن، اردن ۽ مصر سميت عرب زمينن تي وڌيڪ قبضي ۽ عربن جي قتلِ عام لاءِ آمريڪا اسرائيل جي سڀني منصوبن ۽ سازشن ۾ برابر جو شريڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.