نصير آباد (پ ر+ن ع آ) عوامي تحريڪ جي اڳواڻ رياض ٻڌ جي چاليھي جو پروگرام ڳوٺ ننگر جهتيال ۾ ڪيو ويو. اڳواڻن طرفان رياض ٻڌ جي آخري آرام گاهه تي گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. پروگرام کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماھ نور ملاح، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مھيسر، امداد علي پٺاڻ، سنڌي اعتزاز گائنچو، محبوب رڪ راهوجي، سليم ٻڌ، ڪامريڊ محمد رفيع لغاري، روشن ٻڌ، ثمرين خاصخيلي، عليشه ٻڌ، شمائلا ٻڌ، اقرا نور، حميد انقلابي، توفيق ڪانڌڙو، عبدالنبي بروهي ۽ ٻين خطاب ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته رياض ٻڌ فڪر رسول بخش پليجو سان ساه جي آخري گهڙين تائين وفادار رهيو. رياض ٻڌ سنڌ جي مسڪين ۽ مجبور ماڻھن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي. رياض ٻڌ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجھد جو سورمو هو. هنن چيو ته وفاقي سرڪار غيرقانوني ۽ غير آئيني طور ڪارپوريٽ منصوبن لاءِ سنڌ جي زيارت حسن شاھ ٻيٽ تي قبضي جو منصوبو جوڙيو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ٽوڙيندڙ ملڪ دشمن آهن. سنڌ جو گورنر ملڪ دشمني ڪري رهيو آهي. گورنر ڪامران ٽسوري کي فوري طور تي گورنر جي عهدي تان هٽايو وڃي. هنن چيو ته نصير آباد شهر بدامني جي ور چڙهيل آهي. آئي روز ڦرون ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن. نصير آباد شھر سموري سنڌ جي ٻين شهرن جيان اڄ به صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي.