حيدرآباد (پ ر )جيئي سنڌ محاذ جي سربراھ رياض علي چانڊيو چيو آھي ته جڏھن ملڪ معاشي ۽ سياسي بحران ۾ ورتل آھي ھنن جو سڄو ڦرلٽ جو نظام پڌرو ٿي پيو آھي قومن جي وجود ۽ بقا جو سوال ڪر کڻي بيٺو آھي پيپلزپارٽي پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پيش ڪيل قراردادون ڪافي ناهن پر سنڌ جي انچ انچ جو تحفظ ڪرڻو آهي حيدرآباد ۾ سخي ستار ڏنو چولياڻي هائوس تي پارٽي جي مرڪزي باڊي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي خالد مقبول صديقي مصطفي ڪمال فاروق ستار ۽ گورنر ڪامران ٽسوري کي ميدان تي لاھي ٽي وي چيئنل حوالي ڪيا ويا آھن جيڪي سڄو ڏينھن سنڌ جي وحدت خلاف زھر اوڳاڇي رھيا آھن اردو ڳالھائيندڙ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي قيادت کي تسليم نٿا ڪن اجلاس ۾ ڪجهه ڏينهن اڳو وفات ڪري ويل محاذ اڳواڻ ممتاز علي بروهي رفيق ڪالاڻي جي ڪيل سنڌ لاءِ خدمتن تي خراج پيش ڪيو ويو