جنگ جا خدشا، ايراني سپريم ليڊر جانشين مقرر ڪري ڇڏيا

واشنگٽن / تهران (م ڊ) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي قومي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه علي لاريجاني کي اهم اختيار سونپي ڇڏيا آهن. آمريڪي اخبار جي هڪ رپورٽ موجب، لاريجاني آمريڪا سان ممڪن ڳالهين جي نگراني به ڪري رهيو آهي، جڏهن ته خامنا اي چار سطحي جانشين پڻ مقرر ڪيا آهن. ان دوران، فارسي نار جي ساحلي علائقن ۾ ميزائل تيار ڪرڻ جون به رپورٽون آهن. ٻئي طرف، آمريڪا پنهنجو جديد هوائي جهاز ڪيريئر يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ ميڊيٽرينين سمنڊ ۾ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هڪ ٻيو بحري ٻيڙو اڳ ۾ ئي علائقي ۾ موجود آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيل جي آڇ ڪندي ايران کي سخت نتيجن جي ڌمڪي ڏني آهي، جڏهن ته، آمريڪي ميڊيا موجب، حملي جو آخري فيصلو اڃا تائين نه ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ايران سان وڌندڙ ڇڪتاڻ جي روشني ۾ آمريڪا قطر ۽ بحرين جي فوجي اڏن مان پنهنجا سوين فوجي واپس گهرائي ورتا آهن.

  1. ايران ۾ وري حڪومت مخالف مظاهرا، شاگرد روڊن تي نڪري آيا

تهران (م ڊ) ايران جي مختلف يونيورسٽين جا شاگرد هڪ ڀيرو ٻيهر حڪومت مخالف مظاهرن ۾ روڊن تي نڪتا آهن. انهن کي گذريل مهيني هڪ موتمار ڪريڪ ڊائون کان پوءِ پهريون وڏو احتجاج قرار ڏنو پيو وڃي. نئين سيمسٽر جي شروعات تي سوين شاگردن راڄڌاني تهران ۾ شريف يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي جي ڪيمپس تي پرامن مارچ ڪيو ۽ آمر مردا باد سميت نعرا لڳايا. بعد ۾ مظاهرين ۽ حڪومت جي حمايتين وچ ۾ جهڙپون ڏٺيون ويون. ساڳئي طرح، شهيد بهشتي يونيورسٽي ۾ هڪ ڌرڻو هنيو ويو، جڏهن ته امير ڪبير يونيورسٽي آف ٽيڪنالاجي ۾ پڻ حڪومت مخالف نعرا لڳايا ويا. شاگردن ايران جي ٻئي وڏي شهر مشهد ۾ به ريليون ڪڍيون ۽ آزادي جي حق ۾ نعرا هنيا.

  1. فوجي دٻاءَ باوجود ايران جي نه جهڪڻ تي ٽرمپ مايوس

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي خاص ايلچي اسٽيو وٽڪوف چيو آهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ حيران آهي ته ايران سخت آمريڪي دٻاءُ جي باوجود اڃا تائين واشنگٽن جا مطالبا قبول نه ڪيا آهن. فاڪس نيوز سان هڪ انٽرويو ۾، وٽڪوف چيو ته صدر مايوس نه آهي پر تجسس ۾ آهي ته تهران واضح طور تي ايٽمي هٿيارن کان دستبرداري جو اعلان ڇو نه ڪيو آهي. هن چيو ته ٽرمپ مون کان پڇو ته ايران فوجي طاقت کان گهٻرائي جهڪيو ڇو ناهي؟ ٽرمپ حيران آهي ته ايران اڃا تائين مطالبا ناهن مڃيا ۽ همت ناهي هاري. هن چيو ته ڳالهين کان اڳ، ٽرمپ ۽ سندس صلاحڪار جيرڊ ڪشنر هدايت ڪئي هئي ته يورينيم جي افزودگي کي روڪيو وڃي ۽ افزوده مواد واپس ڪيو وڃي. وٽڪوف موجب، ايران هڪ سول ايٽمي پروگرام جو دعويٰ ڪري ٿو، جڏهن ته، يورينيم جي افزودگي شهري ضرورتن کان تمام گهڻو پري آهي ۽ صنعتي سطح تي پهچڻ جي ويجهو آهي، جيڪو آمريڪا لاءِ ناقابل قبول ۽ پريشان ڪندڙ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.