ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪيترن ئي چيلنجن جي باوجود ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي کي جاري رکڻهڪ اهم ڪم هو. صورتحال ان حد تائين پهچي وئي هئي جو پروجيڪٽ کي معطل ڪرڻ تي غور ڪيو پئي ويو، ڇاڪاڻ ته ان جي لاڳت تمام گهڻي وڌي وئي هئي، مهنگائي وڌي، معيشت مادي جو شڪار ٿي، ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿيو ۽ سيمينٽ مهانگو ٿي ويو. اهو هڪ اهڙو لمحو هو جڏهن اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل هو ته پروجيڪٽ جاري رکجي يا روڪيو وڃي.اهڙن خيالن جو اظهار هن ريڊ لائن بي آر ٽي جي ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، سي اي او ٽرانس ڪراچي فواد غفار سومرو ۽ ٻيا عملدار پڻ ساڻس گڏ هئا.هن چيو ته حڪومت سنڌ اهو فيصلو ڪيو ته هي منصوبو صرف اڄ لاءِ ناهي پر ايندڙ چاليهن کان پنجاهه سالن لاءِ آهي. هي پروجيڪٽ ايندڙ نسلن لاءِ بڻايو پيو وڃي ته جيئن ڪراچي ۾ وڌندڙ ٽريفڪ ۽ آبادي کي نظر ۾ رکندي ٽرانسپورٽ ۽ موبلٽي کي بهتر بڻائي سگهجي. اهڙن منصوبن سان ماڻهو مستقبل ۾ آساني سان سفر ڪري سگهنداهن چيو ته جيڪو ڪم وچ ۾ نه ٿي سگهيو يا جنهن ۾ دير ٿي، اها ڪنهن بدديانتي يا سستي سبب نه پر چيلنجن جي ڪري هئي. حڪومت سنڌ پاڻ هن سڄي پروجيڪٽ جي نگراني ڪري رهي آهي.هن چيو ته عيد کان اڳ ٻنهي طرفن جي روڊن تي موجود مسئلا ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جلد ئي ٻنهي پاسن جا رستا بهتر ٿي ويندا. ڪوشش آهي ته سڄو پروجيڪٽ، خاص طور تي يونيورسٽي روڊ وارو علائقو جلد مڪمل ڪيو وڃي. 2.7 ڪلوميٽر جو رستو، جيڪو فور ڪي آگمينٽيشن سبب متاثر ٿيو هو، اهو اپريل تائين مڪمل ٿيندو هن .چيو ته ڪراچي ۾ هن وقت ڪيترائي ميگا پروجيڪٽس جاري آهن. شارعِ ڀٽو تي ڏنل سهولت مارچ جي آخر يا اپريل جي پهرين هفتي تائين قائد آباد تائين مڪمل ٿي ويندي ۽ بعد ۾ ان کي ايم نائن (M-9) تائين وڌايو ويندو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو مايوسي پکيڙڻ يا سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پر حڪومت سنڌ جي نيت صاف آهي. جيڪڏهن ڪٿي ڪوتاهيون ٿيون آهن ته انهن کي تسليم ڪيو وڃي ٿو، پر ٽارگيٽ اهو ئي آهي ته هر حال ۾ پروجيڪٽس مڪمل ڪيا وڃن ته جيئن شهرين جي زندگي آسان ۽ معياري ٿئي.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ريڊ لائن منصوبو تمام وڏو آهي ۽ ڪجهه اسٽيشنون پڻ بڻجڻيون آهن، يونيورسٽي روڊ ۽ جناح ايوينيو جا حصا ٻن کان ٽن مهينن ۾ مڪمل ٿيندا، جڏهن ته بي آر ٽي جي ڪجهه ڪم ۾ وڌيڪ ڏيڍ سال لڳي سگهي ٿو.هڪ ٻئي سوال تي هن و ته مون کي خبر ناهي ته عمران خان ڪڏهن آزاد ٿيندو. رمضان جي مبارڪ مهيني ۾ مان سندس صحت ۽ تندرستي لاءِ دعاگو آهيان.