لاڙڪاڻو(ن ع آ) لاڙڪاڻي شهر جي ڪنگا ٿاڻي جي ياسين چوڪ واري علائقي ۾ هٿياربند سڱاوتي تڪرار تي 6 ٻارن جي امڙ لطيفان زال لکهمير شر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا عورت جي ڀاءُ کي حراست ۾ وٺي لاش کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي مقتولا عورت جي نڻان ريشمان ٻڌايو ته سڱاوتي معاملي تان لطيفان جي ڏيرن، سئوٽن ۽ ڀائرن شوڪت شر، اڏيل، سانگي شر، گلشير، غفور، ملان، شهمير شر ۽ ٻين لطيفان کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، هن مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. ان حوالي سان ڪنگا ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعو سڱاوتي معاملي تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، ٻئي طرف پوسٽ مارٽم بعد مقتولا جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، آخري اطلاعن تائين اهڙي واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.