ملڪ ۾ هوٽلن، اسپتال ۽ ٻين ڪاروباري سرگرمين جي آن لائن مانيٽرنگ ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) هوٽلن، ريسٽورنٽن، اسپتالن ۽ شادي هالن سميت ڪاروباري سرگرمين جي آن لائين مانيٽرنگ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 14 کان وڌيڪ ڪاروباري سرگرمين جي آن لائين مانيٽرنگ لاءِ پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو، نوٽيفڪيشن موجب هوٽلز، ريسٽورنٽس، گيسٽ هائوسز، ميريج هالز، مارڪيز ۽ ريس ڪلبز۾ پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ لازمي هوندو، جڏهن ته جتي ايئر ڪنڊيشنر جي سهولت موجود نه هوندي اتي پوائنٽ آف سيلز کان ڇوٽ ڏني ويندي، نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته شهرن ۾ هلندڙ گاڏين، ڪورئير ۽ ڪارگو سروسز کي به پوائنٽ آف سيلز لڳائڻو پوندو، ساڳي طرح ڊينٽسٽ، فزيوتھراپسٽ، پلاسٽڪ ۽ هيئر سرجنز، ويٽرنري ڊاڪٽرز، ميڊيڪل ليب، ايڪسري، سي ٽي ۽ ايم آر آءِ اسڪين سينٽرز تي به پي او ايس لڳائڻ لازمي هوندو، نوٽيفڪيشن موجب بيوٽي پارلرز، مساج سينٽرن، پيڊي ڪيور سينٽرم ۽ پرائيويٽ اسپتالن ۾ به پوائنٽ آف سيلز لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 500 رپيا فيس وٺندڙ اسپتالن کي ڇوٽ حاصل هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.