اسلام آباد/واشنگٽن(عوامي آواز رپورٽ) آءِ ايم ايف مشن جي آمد کان اڳ هڪ وڏو انڪشاف سامهون آيو آهي ته پاڪستان ۾ غربت وڌي 28.8 سيڪڙو ٿي وئي آهي. تفصيل موجب، آءِ ايم ايف جي جائزي مشن جي آمد کان اڳ، پاڪستان ۾ غربت جي حوالي سان پريشان ڪندڙ انگ اکر سامهون آيا آهن. تازين اندازن موجب، ملڪ ۾ غربت جي شرح گذريل 6 سالن دوران وڌي آهي ۽ مالي سال 2024-25 ۾، پاڪستان جي آبادي جو 28.8 سيڪڙو غربت جي بي رحم گرفت ۾ آهي. پاڪستان ۾ غربت جي سرڪاري انگن اکرن موجب، 2018-19 ۾ غربت جي شرح 21.9 سيڪڙو هئي، پر گذريل 6 سالن دوران ان ۾ تقريبن 6.9 سيڪڙو جو وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. 2024-25 جي تازي سروي جي بنياد تي اندازن مطابق، ملڪ ۾ غربت جي شرح هاڻي 28.8 سيڪڙو تائين پهچي چڪي آهي. غربت جي گراف ۾ صوبائي سطح تي به تيزي آئي آهي، جنهن خاص طور تي پنجاب ۽ سنڌ کي متاثر ڪيو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي، اعليٰ سرڪاري ذريعن تصديق ڪئي ته مختلف عنصر جهڙوڪ ٽي آءِ ايم ايف اسٽيبلائيزيشن پروگرام، ڪووڊ-19 جو اثر، ڪموڊٽي سپر سائيڪل، وڌندڙ مهانگائي ، ڊي پي ۾ گهٽ واڌ جي شرح، ٻه سخت ٻوڏ ۽ ڪڻڪ جي سپورٽ جي قيمتن کي ڇڏي ڏيڻ، گذريل 6 سالن ۾ پاڪستان ۾ غربت جي سطح ۾ تيزي سان واڌ جو سبب بڻيا آهن. هوڏانهن آءِ ايم ايف پاڪستان جي معيشت ۾ بهتري جو اعتراف ڪيوآهي. آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزڪ واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو هڪ وفد 25 فيبروري کان پاڪستان جو دورو ڪندو. آءِ ايم ايف جي ڊائريڪٽر ڪميونيڪيشن جولي ڪوزڪ واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جو هڪ وفد 25 فيبروري کان پاڪستان جو دورو ڪندو. ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن جولي ڪوزڪ چيو ته هن دوري دوران، آءِ ايم ايف جو وفد ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسليٽي (اي ايف ايف) پروگرام جي ٽئين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽينيبلٽي فيسليٽي (آر ايس ايف) جي ٻئي جائزي تي بحث ڪندو. ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن جولي ڪوزڪ تسليم ڪيو ته اي ايف ايف جي تحت پاڪستان جي پاليسين معيشت کي مستحڪم ڪيو آهي. هن چيو ته مالي سال 2025 ۾ پاڪستان جي مالي ڪارڪردگي مضبوط رهي ۽ ملڪ جي ڊي پي جي 1.3 سيڪڙو جو بنيادي مالي سرپلس حاصل ڪيو، جيڪو پروگرام جي هدفن سان مطابقت رکي ٿو. جولي ڪوزڪ وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح ڪنٽرول ۾ رهي، جڏهن ته مالي سال 2025 ۾، ملڪ ۾ 14 سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس پڻ رڪارڊ ڪيو ويو.