لاهور (بيورو) 125 پرڏيهي ڪمپنيون پاڪستان ڇڏي ويون آهن، جيڪو ملڪ جي معيشت لاءِ هڪ ٻيو وڏو ڌڪ آهي. ايس اي سي پي پاڪستان ڇڏي ويندڙ پرڏيهي ڪمپنين جي فهرست جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ وڏيون ۽ ننڍيون ڪمپنيون شامل آهن، جن تازو پنهنجو ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ختم ڪري پاڪستان کي الوداع چيو آهي. حڪومت جي معاشي بهتري جي دعوائن جي باوجود، ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي. لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سينئر ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ميمبر علي عمران آصف خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري ۾ 51 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. هن چيو ته جولاءِ کان جنوري تائين پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري 694 ملين ڊالر رهي، جيڪا گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي ۾ 1.429 بلين ڊالر کان گهٽ هو، ۽ هي هڪ پريشان ڪندڙ صورتحال آهي. علي عمران آصف وڌيڪ چيو ته جولاءِ کان جنوري دوران ڪل سيڙپڪاري جي آمد 2.1 بلين ڊالر هئي، جڏهن ته سيڙپڪاري جو اخراج 1.1 بلين ڊالر تائين پهچي ويو آهي. ان دوران، فوليو سيڙپڪاري ۾ به منفي رجحان ڏيکاريو ويو، جنهن ۾ 287 ملين ڊالر جو خالص اخراج رڪارڊ ڪيو ويو.