ملڪ جي آءِ ٽي برآمد ۾ به ماهوار بنيادن تي گهٽجڻ جو انڪشاف

ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) آئي ٽي برآمد ۾ مهيني بنياد تي 14.5 سيڪڙو گهٽتائي، پر سالياني ڪارڪردگي مضبوط رهي، ملڪ ۾ هڪ کان پوءِ هڪ معاشي بحران سامهون اچي رهيو آهي ۽ ان دوران آئي ٽي برآمد ۾ به مهيني بنياد تي گهٽتائي جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ موجب جنوري 2026ع ۾ آئي ٽي برآمد 374 ملين ڊالر رهي، جڏهن ته ڊسمبر 2025ع ۾ اها 437 ملين ڊالر هئي، مهيني جي بنياد تي 14.5 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، ماهوار گهٽتائي باوجود آئي ٽي شعبي جي مجموعي ڪارڪردگي مضبوط رهي، مالي سال 2025-26 جي پهرين ستن مهينن دوران آئي ٽي برآمد ۾ 19 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ جولاءِ کان جنوري تائين آئي ٽي ترسيلون 2 ارب 61 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي ويون، گذريل مالي سال جي ساڳئي عرصي دوران آئي ٽي برآمد 2 ارب 17 ڪروڙ ڊالر هيون، جنوري 2026ع ۾ سالياني بنياد تي به 19 سيڪڙو واڌ ٿي، جتي جنوري 2025ع جي 313 ملين ڊالر جي مقابلي ۾ ترسيلون 374 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيون ويون، دستاويز موجب مالي سال جي ستن مهينن دوران پاڪستان جون برآمد 18 ارب ڊالر رهيون، جڏهن ته درآمدات 40 ارب ڊالر کان به وڌي ويون، جنهن سان واپاري خساري ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ٿيو آهي، رپورٽ موجب جائزي واري عرصي دوران 2.50 ارب ڊالر ماليت جون گاڏيون ۽ اسمارٽ فون درآمد ڪيا ويا، صرف اسمارٽ موبائل فونز جي درآمد 1.13 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهي، جڏهن ته 33 سيڪڙو اضافي بعد 321 ارب رپين ماليت جا فون ملڪ ۾ آندا ويا، دستاويز موجب پاڪستانين ستن مهينن ۾ 106 ارب رپين (38 ڪروڙ ڊالر) جي چانهه استعمال ڪئي، غذائي شين جي درآمد ۾ 19 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ مجموعي حجم 5.50 ارب ڊالر رهيو، جنهن ۾ کير، مکھڻ، ڪريم، خشڪ ميوا، مصالحا، پام ۽ سويا بين آئل، ۽ دالون شامل آهن، کنڊ جي درآمد ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ 17 ڪروڙ 46 لک ڊالر (تقريبن 49 ارب رپيا) جي کنڊ درآمد ڪئي وئي، مشينري جي درآمد ۾ 13 سيڪڙو واڌ ٿي ۽ حجم 6 ارب ڊالر کان وڌي ويو، جڏهن ته گاڏين، بسن ۽ ٽرانسپورٽ جي درآمد ۾ 94 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.