ڪراچي (رپورٽر) عمارت ۾ ڌماڪي واري واقعي تي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر فوتين جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. صدر لاڳاپيل عملدارن کي بلڊنگ ڪوڊز تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ ۽ صوبائي حڪومت کي واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو.