لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا آمريڪا کي ايران خلاف ڪارروائي لاءِ پنهنجا فوجي اڏا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
برطانوي حڪومت واضح ڪيو آهي ته ايران خلاف ڪنهن به امڪاني ڪارروائي لاءِ آمريڪا جي فوجن کي برطانيا جا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.
برطانوي اختيارين جو چوڻ آهي ته واضح قانوني جواز کانسواءِ ايران تي حملي ۾ شرڪت ڪرڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ٿي سگهي ٿي.