لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ استادن لاءِ نئون پروفيشنل ڊريس ڪوڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اسڪول ايجوڪيشن کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، نئين ڊريس ڪوڊ تي عملدرآمد 23 فروري 2026 کان لازمي هوندو.
نوَن ضابطن تحت تدريسي عمل دوران سڀني استادن لاءِ ”بليڪ گائون“ پائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جنهن کي تعليمي وقار، پيشيوراڻي سڃاڻپ ۽ نظم ۽ ضبط جي علامت قرار ڏنو ويو آهي.
مرد استادن لاءِ سادن رنگن واري شلوار قميص يا پينٽ شرٽ سان جوتا يا اسٽرپ وارو سينڊل تجويز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته عورت استادن کي بند جوتا يا موديسٽ سينڊل پائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
صوبائي تعليم کاتي موجب، هي ڊريس ڪوڊ جنس، ڪيڊر ۽ علائقي جي فرق کانسواءِ سموري ٽيچنگ اسٽاف تي لاڳو هوندو. اسڪولن جي سربراهه کي هدايت ڪئي وئي آهي ته روزاني بنياد تي ان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائن.
ان کانسواءِ ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرز کي ضلعن ۾ سخت مانيٽرنگ ذريعي هن فيصلي تي عملدرآمد ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
You might also like