ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پاڪستان 600 ملين ڊالر جو شارٽ ٽرم قرض اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ کان 6 سيڪڙو وياج تي ورتو آهي، ان جو مقصد ناڻي جي ذخيرن کي بحال ڪرڻ آهي، ڇو ته پرڏيهي ڪمرشل قرضن ۽ بانڊن تي ادائيگيون جاري آهن.هي فيصلو ظاهر ڪري ٿو ته پاڪستانکي فوري طور تي نقدي جي ضرورت آهي، ۽ معاشي دٻاءُ وڌي رهيو آهي،سنڌ جي اڳوڻي گورنر محمد زبير لکيو ته پاڪستان ٻيو پرڏيهي قرض 600 ملين ڊالر جو ورتو آهي، 6.3 سيڪڙو ساليانو وياج تي، جيڪو انتهائي مهانگو آهي.سرڪاري وزيرن جي دعويٰ آهي ته ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿي رهيا آهن.جيڪڏهن ذخيرا بهتر ٿي رهيا آهن، ته وڌيڪ قرض ڇو ورتو پيو وڃي؟سيده زهره لکيو ته بنگلا ديش جي نگران وزيراعظم صرف 18 مهينن ۾ قومي خزاني ۾$9.5 ارب ڊالر جو اضافو ڪيو.جڏهن ڊاڪٽر يونس عهدو سنڀاليو ذخيرا 20 بلين هئا ۽ هاڻي 29.5 ارب ڊالر ٿي چڪا آهن،ڪاش اهڙا حڪمران پاڪستان ۾ به هجن ها،