اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي اسد علي طور لکيو ته پرڏيهي سيڙپڪاري 51 سيڪڙو گهٽجڻ سيڙپڪار جي عدم اعتماد جو سڀ کان واضح اشارو آهي.هي انگ اکر واضح انتباہ آهن ته سيڙپڪاري مسلسل گهٽجي رهي آهي پاڪستان ۾ ايف ڊي آءِ صرف 0.45٪ جي جيڊي پي تائين اچي وئي آهي، جيڪا انتهائي گهٽ آهي.ان جو سبب پاليسي ۾ اڻ برابري، ڪمزور ادارا، ۽ واضح حڪمت عملي جي کوٽ آهي.هن چيو ته سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ سڌارن جي واضح روڊ ميپ جي ضرورت آهي.سيڙپڪاري لاءِ ماحول مستحڪم ۽ شفاف ٿيڻ گهرجي.موجوده پاليسي ۽ ادارتي ڪمزوريون سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري کي محدود ڪري رهيون آهن، ۽ ملڪ جي معاشي ترقي تي اثر انداز ٿي رهيون آهن،صحافي شهباز راڻا لکيو ته گذريل ست مهينن ۾پرڏيهي سيڙپڪاري صرف 880 ملين ڊالر رهي، باوجود ان جي ته حڪومت مڪمل طور ڪوشش ڪري رهي آهي،ان جو سبب ٽيڪس پاليسي ۾ مسلسل تبديليون،توانائي جي قيمتن ۾ غير متوقع واڌ،غلط مقرريون ۽ غير مناسب پاليسيون سيڙپڪار پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان پاسو ڪري رهيا آهن.