اسلام آباد (حامد مير) گلوبل ريپيوٽيشن انڊيڪس 2026ع ۾ پاڪستان 197 ملڪن مان 184هين نمبر تي اچي ويو آهي، جنهن موجب عالمي ساک جي حوالي سان پاڪستان جي درجابندي انتهائي هيٺين سطح تي رهي آهي. رپورٽ مطابق صوماليا، سوڊان ۽ ڪانگو به عالمي ساک ۾ پاڪستان کان اڳتي آهن، جڏهن ته پهرين 13 ملڪن ۾ ڪو به اسلامي ملڪ شامل ناهي. ان کان علاوه گلوبل ڪرپشن پرسيپشن انڊيڪس ۾ پاڪستان 181 ملڪن مان 136هين نمبر تي رهيو. رپورٽ موجب عراق، لبيا، ڪيوبا ۽ البانيا جي پوزيشن به پاڪستان کان بهتر ٻڌائي وئي آهي.