اسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف حڪومت ۽ جيل اختيارين جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي اکين جو معائنو سندس خاندان ۽ ذاتي ڊاڪٽرن جي غير موجودگي ۾ اڊيالا جيل ۾ ڪرايو وڃي. پارٽي جو موقف آهي ته اهڙن حساس ۽ نازڪ معاملن ۾ فيصلا ڪرڻ جو حق صرف عمران خان جي خاندان ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کي آهي ۽ انهن جي موجودگي کانسواءِ ڪو به معائنو يا رپورٽ قبول نه ڪئي ويندي. پاڪستان تحريڪ انصاف واضح ڪيو ته حڪومت جي پارٽي قيادت کي معائني دوران جيل اچڻ جو پيغام موڪلڻ جي ڪوشش اصل مسئلي تان ڌيان هٽائڻ جي هڪ کليل سازش آهي. پارٽي جو چوڻ آهي ته هي معاملو ڪڏهن به قيادت جي موجودگي يا غير موجودگي بابت نه هو، پر حساس طبي فيصلا ڪرڻ جو حق صرف عمران خان جي خاندان جو آهي، جيڪو صرف پنهنجي ذاتي ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ ڪو به فيصلو ڪري سگهي ٿو.پي ٽي آءِ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت ۽ جيل اختيارين خاندان ۽ ذاتي ڊاڪٽرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ معائنو شروع ڪيو، جيڪو غير شفاف ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. پارٽي اعلان ڪيو ته اها معائنو يا ان تي تيار ڪيل ڪنهن به رپورٽ کي قبول نه ڪندي.