پي ٽي آءِ جو احتجاج: پارليامينٽ هائوس ۾ صورتحال خراب،”ڊيل“ جا معاملا هلندڙ

اسلام آباد(حماد حسن) اسلام آباد ۾ صورتحال تمام سنجيده آهي،پارليامينٽ هائوس کي بند ڪيو ويو آهي ۽ پختونخوا هائوس ۾ ڪيترائي ميمبر موجود آهن.اطلاع آهن ته عمران خان کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو ۽ هن  جون ڪجهه ميڊيڪل ٽيسٽون پڻ ٿينديونجن کي خاص ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ ڪيو ويندو.ذريعن موجب پردي پٺيان  ڊيل  جا معاملا هلي رهيا آهن، جنهن ۾ سُهيل آفريدي  ۽ ايپيڪس ڪميٽي شامل آهن.سپريم ڪورٽ پڻ هتي متحرڪ ٿي وئي آهي، رپورٽون تيار ڪيون ويون ۽ حڪمنامو جاري ڪيو ويو آهي ته 16 فيبروري کان پهريان عمران خان جي ميڊيڪل رپورٽ ۽ ضروري معائنو مڪمل ڪيو وڃي.موجوده صورتحال ۾ عمران خان جي فوري آزادي ممڪن ناهي پر هن کي علاج ۽ مناسب سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن.

  1. اڊيالا جيل ۾ ماهر ڊاڪٽرن پاران عمران خان جو معائنو

راولپنڊي (م ڊ) ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ عمران خان جو اڊيالا جيل ۾ طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو، جنهن بعد ڊاڪٽرن جي ٽيم اڊيالا جيل مان واپس رواني ٿي وئي. ذريعن موجب، سينيئر ڊاڪٽرن هڪ ڪلاڪ تائين معائنو ڪيو. ٽيم ۾ ڊاڪٽر فاروق، ڊاڪٽر سڪندر ۽ ڊاڪٽر عارف سميت ٽيڪنيشنل شامل هئا. ٽيم پنهنجي رپورٽ مڪمل ڪري حڪومت کي ڏيندي. ميڊيڪل ٽيم پي ٽي آءِ قيادت جو اڍائي ڪلاڪ انتظار ڪيو پر ڪو اڳواڻ نه پهتو جنهن تي ٽيم معائنو ڪيو. جيل سپرنٽينڊنٽ موجب، ڊاڪٽرن جي ٽيم طبي اوزار ۽ دوائون ساڻ کڻي آئي هئي. ٻئي پاسي عمران خان جي اڊيالا جيل ۾ علاج جي حوالي سان سمورو رڪارڊ پنجاب جي گهرو کاتي طلب ڪري ورتو. جيل عملدارن پاران رپورٽ اماڻي وئي. رپورٽ ۾ عمران خان جي بلڊ پريشر، شگر ليول، ڪوليسٽرول جو مڪمل چارٽ شامل آهي، عمران خان جي اکين بابت رپورٽ به اماڻي وئي. عمران خان کي ڪڏهن ڪهڙي ڊاڪٽر چڪاسيو، ان بابت به تفصيل رپورٽ ۾ شامل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.