ڇا آصف علي زرداري ۽ نواز شريف راضي ٿي ويا ته عمران خان ملڪ کان ٻاهر وڃي؟ ڇا خان صاحب اين آر او لاءِ راضي ٿي ويو؟ ڇا طاقتور ڌريون به عمران کي ٻاهر ڪڍڻ تي راضي ٿي ويون؟ ڇا ٻاهر وڃي عمران خان پنهنجي سياست جو پريشر برقرار رکي سگهندو؟ ڇا شاه محمود قريشي تحريڪ انصاف جون واڳون سنڀالڻ پيو وڃي؟
سياست ۾ ڪو به فيصلو آخري نه هوندو آهي۔ اڄ جي سياست 1990ع واري ڏهاڪي جي سياست ناهي۔ اڄ سوشل ميڊيا، وڊيو پيغام، عالمي ميڊيا سميت جديد انداز سان بروقت پنهنجي ڳالھ عام ماڻهن تائين پهچائڻ ۾ اڳواڻ کي هزارين ميل پري ويهي به سياسي اثر برقرار رکڻ جو موقعو ڏين ٿا۔ پر هڪ حقيقت ٻي به آهي زميني تنظيم ڪارڪنن جي توانائي ۽ عوامي جلسا ئي سياست جي اصل طاقت هوندا آهن۔ پاڪستان جي سياسي فضا ۾ وري اهو سوال گونجي رهيو آهي: ڇا عمران خان کي اين آر او ملي رهيو آهي؟ ڇا کيس ٻاهر موڪلڻ جي تياري ٿي رهي آهي؟ جيڪڏهن ائين ٿيو ته ڇا اها رڳو هڪ فرد جي رخصتي هوندي يا پوري سياسي منظرنامي جي نئين ترتيب؟ هي سوال رڳو افواھ ناهي، پر طاقت، مفاد ۽ بقا جي سياست جو مرڪزي نقطو بڻجي چڪو آهي۔
2007ع ۾ پرويز مشرف جي دور ۾ جاري ٿيل اين آر او کي اڄ به سياسي لغت ۾ ”معافيءَ جي سياست“ جي علامت طور ياد ڪيو وڃي ٿو۔ ان وقت نواز شريف ۽ آصف علي زرداري جهڙا اڳواڻ به رليف حاصل ڪندڙن ۾ شامل هئا۔ اڄ جڏهن عمران خان بابت اين آر او جون ڳالهيون ٿين ٿيون ته سوال وڌيڪ سنجيده ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته سندس سياست جو بنيادي نعرو ئي ”احتساب“ رهيو آهي۔ جيڪڏهن احتساب جو دعويدار پاڻ رليف وٺي، ته سياسي اخلاق جي ساهمي ڪهڙي پاسي جهڪندي؟
في الحال عمان خان لاءِ اين آر او جو ڪو به باضابطه اعلان موجود ناهي۔ پر پاڪستاني سياست ۾ ڪيترائي فيصلا اعلانن کان اڳ ئي طئي ٿي ويندا آهن۔خاموشين ۾ بند دروازن پويان۔ ماضي ۾ ملڪ جا وڏا سياسي نالا ٻاهر ويا۔ نواز شريف علاج جي نالي تي لنڊن ويو، آصف علي زرداري به ڊگهي عرصي تائين ٻاهر رهيو۔ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن عمران خان به اهڙي رستي تي هلي ٿو ته ان جو سياسي مطلب ڇا نڪرندو؟ هڪ رخ اهو آهي ته صحت، سلامتي يا سياسي تاء گهٽائڻ لاءِ عارضي رخصتي اختيار ڪئي وڃي۔ ٻيو رخ اهو آهي ته ان کي ”خاموشيءَ جو معاهدو“ سمجهيو وڃي۔ عمران خان جو حامي ووٽر کيس مزاحمت جي علامت سمجههي ٿو جيڪڏهن هو ٻاهر وڃي ٿو ته اهو ووٽر ڪهڙو تاثر وٺندو؟ جئين ته سياست ۾ مستقل دوستي يا دشمني نه هوندي آهي پر ان ۾ مستقل مفاد ضرور هوندا آهن۔جيڪڏهن سياسي استحڪام لاءِ مخالف ڌريون به ڪنهن مفاهمت تي راضي ٿين ٿيون ته اهو ڪو نئون نه هوندو پر عمران خان جي سياست ٻنهي اڳواڻن جي روايتي سياست لاءِ چئلينج رهي آهي۔ اهڙي حالت ۾ کليل حمايت ڏيڻ سندن پنهنجي ووٽر لاءِ سوال پيدا ڪري سگهي ٿي۔ ممڪن آهي ته جيڪڏهن ڪا “ڊيل” ٿئي ته اها کليل نه پر پردي پويان هوندي۔
ڇا عمران خان ملڪ کان ٻاهر ويهي ملڪي سياست ۾ پنهنجو سياسي پريشر برقرار رکي سگهندو يا نه؟
ڏٺو وڃي ته ماضي ۾ جلاوطني دوران نواز شريف جي سياسي رفتار محدود رهي هئي پر مرحومه ڪلثوم نواز ۽ مريم نواز جي واپسيءَ کان پوءِ ئي نواز ليگ ۾ نئون جوش پيدا ٿيو هو ۽ جڏهن نواز شريف پاڻ ملڪ ۾ واپس آيو ته نواز ليگ جو ورڪر چارج ٿي ويو۔ جيڪڏهن عمران خان ٻاهر وڃي ٿو ته سندس تحريڪ لاءِ اصل امتحان اهو هوندو ته ڇا سندس رهنما ۽ ڪارڪن ميدان ۾ بيٺا رهن ٿا يا قيادت جي غير موجودگي ۾ ثابت قدم رهن ٿا يا پنهنجو سياسي قبلو تبديل ڪن ٿا۔
هاڻي جيڪڏهن عمران خان ٻاهر نٿو وڃي ته هو مزاحمت جي علامت طور بيٺو رهندو، پر قانوني ۽ سياسي دٻاءُ جاري رهندو۔ جيڪڏهن وڃي ٿو ته شايد کيس ذاتي رليف ملي پر سياسي بيانيي تي سوال ضرور اڀرندا۔ سياست ۾ هر قدم جو هڪ سياسي خرچ هوندو آهي۔ عمران خان لاءِ به فيصلو سادو ناهي: مزاحمت جي قيمت يا مفاهمت جو الزام؟ ايندڙ ڪجهھ ڏينهن هفتا يا وري مهينا اهو طئي ڪندا ته پاڪستان جي سياست نئين باب ڏانهن وڃي ٿي يا ساڳئي دائري ۾ ڦرندي رهي ٿي۔.
في الحال عمان خان لاءِ اين آر او جو ڪو به باضابطه اعلان موجود ناهي۔ پر پاڪستاني سياست ۾ ڪيترائي فيصلا اعلانن کان اڳ ئي طئي ٿي ويندا آهن۔خاموشين ۾ بند دروازن پويان۔ ماضي ۾ ملڪ جا وڏا سياسي نالا ٻاهر ويا۔ نواز شريف علاج جي نالي تي لنڊن ويو، آصف علي زرداري به ڊگهي عرصي تائين ٻاهر رهيو۔ سوال اهو آهي ته جيڪڏهن عمران خان به اهڙي رستي تي هلي ٿو ته ان جو سياسي مطلب ڇا نڪرندو؟ هڪ رخ اهو آهي ته صحت، سلامتي يا سياسي تاء گهٽائڻ لاءِ عارضي رخصتي اختيار ڪئي وڃي۔ ٻيو رخ اهو آهي ته ان کي ”خاموشيءَ جو معاهدو“ سمجهيو وڃي۔ .