نئين حڪومتي پاليسي ۽ سولر صارفين کي رسيل ڌڪ

پاڪستان ۾ شمسي توانائي جي پيداوار لڳ ڀڳ 20 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، جنهن مان ڇهه کان ست هزار ميگاواٽ آن گرڊ ۽ باقي آف گرڊ آهي. شايد ڪيترائي پاڪستاني اڃا تائين اهو به نٿا ڄاڻن ته پاڪستان دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آهي جنهن پنهنجي جملي بجلي ضرورتن جو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو حصو شمسي ذريعن مان حاصل ڪرڻ جي سطح تي پهچي ويو آهي. هي هڪ وڏو انقلاب آهي، جنهن کي عالمي ميڊيا به نمايان طور رپورٽ ڪيو. ڪنهن ان کي سستو چيني سولر پينلز جو نتيجو قرار ڏنو، ته ڪنهن ان کي ملڪ ۾ مهانگي بجلي سبب عوام جي مجبوري سان ڳنڍيو، جتي ماڻهن پنهنجين ڇتين تي سولر پينل لڳائڻ شروع ڪيا.

هاڻي حڪومت جي نئين پاليسي سان سولر صارفين کي وڏو ڌڪ رسيو آهي. اڳ حڪومت پيڪ آورز ۾ ٻه سولر يونٽن جي بدلي هڪ يونٽ بجلي مهيا ڪندي هئي، پر هاڻي اها شرح پنج مقابلي ۾ هڪ ڪري ڇڏي وئي آهي. اڳ وارا سولر صارف شايد هن تبديلي کان متاثر نه ٿين، پر نون صارفين جي حوصلا شڪني ٿي چڪي آهي. نتيجي طور جيڪو به هاڻي سولر لڳائيندو، اهو نيٽ ميٽرنگ بدران آف گرڊ وڃڻ جي ڪوشش ڪندو. يعني هو ليٿم بيٽريون لڳائيندو، پنهنجي بجلي پاڻ پيدا ڪندو ۽ پاڻ استعمال ڪندو، ۽ واپڊا جي ميٽر سان سندس ڪو سڌو واسطو نه رهندو.

حڪومت عملي طور سستي بجلي حاصل ڪرڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي. سوال اهو آهي ته آخر حڪومت اهڙو قدم ڇو کنيو؟ سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته پاليسي سازن وٽ هن مسئلي جو ڪو تخليقي حل موجود نه هو. حڪومت آءِ پي پيز کان مهانگي بجلي خريد ڪري ٿي. اهي اهڙا معاهدا آهن، جن تحت بجلي پيدا ٿئي يا نه ٿئي، حڪومت کي ادائيگي ڪرڻي ئي پوي ٿي. جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي اڳ ئي ضرورت کان وڌيڪ موجود آهي. اهڙي ماحول ۾ جيڪڏهن سستي سولر بجلي گرڊ ۾ شامل ٿئي ٿي ۽ صارفين کي سستي ملي ٿي، ته گردشي قرض وڌندا رهن ٿا. ان مسئلي جو فوري حل بيوروڪريسي اهو ڪڍيو ته سولر صارفين تي پابنديون وڌيون وڃن.

جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ ٻيا حل به موجود هئا. مثال طور بجلي جي طلب وڌائڻ لاءِ صنعتي ۽ زرعي صارفين کي انتهائي سستا پيڪيج ڏنا وڃن ها، جنهن سان آءِ پي پيز جي بجلي به مڪمل طور نيشنل گرڊ ۾ هلي وڃي ها ۽ سولر جي سستي بجلي به شامل رهي ها، پوءِ مجموعي ٽي رف طئي ٿئي ها. پر جيڪو حل پاليسي سازن اختيار ڪيو آهي، اهو شايد سرڪاري بيلنس شيٽ کي عارضي طور سنڀالي وٺي، پر ڊگهي مدي ۾ ملڪ لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

هاڻي ٿيندو ڇا؟ عام صارف ليٿم بيٽرين ڏانهن منتقل ٿيندو. ايندڙ ٻن سالن ۾ جيڪڏهن سوڊيم بيٽريون، جيڪي وڌيڪ سستيون آهن، مارڪيٽ ۾ عام ٿي ويون، ته صنعتي ۽ گهريلو صارف وڏي انگ ۾ آف گرڊ ٿي ويندا. ان صورت ۾ اهي حڪومت جي ان ٽيڪس نيٽ مان به ٻاهر نڪري ويندا، جيڪو بجلي جي بلن ذريعي وصول ڪيو وڃي ٿو.

ايندڙ ٻن کان پنجن سالن ۾ شايد نيشنل گرڊ جو موجوده تصور ئي بدلجي وڃي. جيڪي نسل ان عرصي ۾ پيدا ٿيندا، جڏهن انهن کي ٻڌايو ويندو ته ڪڏهن بجلي جون لائينون هونديون هيون، لوڊشيڊنگ نالي مصيبت هوندي هئي ۽ ماڻهو بجلي جا بل نه ڀري سگهڻ سبب سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿيندا هئا، ته هو شايد حيران ٿيندا. دنيا مڪمل طور تبديل ٿي چڪي آهي، پر اسان جي پاليسي سازي اڃا به پراڻي طرز تي هلي رهي آهي. لڳي ٿو ته ايندڙ ڏهن کان پندرهن سالن ۾ اهي ئي قومون اڳتي وڌنديون، جن جي قيادت نوجوانن جي هٿ ۾ هوندي. ڇا اهو ممڪن ناهي ته اسان اڄ کان ئي اهم عهدن تي نوجوانن کي موقعو ڏيون؟ هي نئون دور آهي، ۽ ان کي سنڀالڻ لاءِ نئون فڪر ۽ نئون خون ضروري آهي. ”نئون زمانو آهي، پراڻا ڏيئا اجهايو“ رڳو هڪ شاعراڻو اظهار نه، پر وقت جو تقاضو بڻجي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.