معمر قذافي جو قتل ڪيل چوٿون پٽ

تحرير: قاضي آصف

سيف السلام قذافي کي ٽي فيبروري 2026ع جي رات چار هٿياربندن سندس گهر ۾ گهڙي قتل ڪري ڇڏيو. قاتلن پهرين نگراني ڪندڙ ڪئميرائن جو نظام ناڪاره بڻايو. سيف مزاحمت ڪئي، پر کيس قتل ڪيو ويو. رپورٽن موجب، 2021ع ۾ ليبيا ۾ ٿيندڙ صدارتي چونڊن ۾ هو هڪ مضبوط اميدوار هو. سندس مقبوليت کي ڏسي صدارتي چونڊون اڻ ڄاڻايل مدي لاءِ ملتوي ڪيون ويون.

سيف السلام سياسي طور تمام سرگرم هو، ۽ چونڊن ۾ کيس شڪست ڏيڻ ڏکيو نظر اچي رهيو هو.

چيو پيو وڃي ته عالمي طاقتون ليبيا بابت جيڪي فيصلا ڪري رهيون هيون، سيف انهن جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيو هو. جيڪڏهن هو ليبيا جو چونڊيل صدر بڻجي وڃي ها ته عالمي استعمار لاءِ هڪ وڏو چئلينج پيدا ڪري سگهي ها، تنهن ڪري سيف کي انهن عالمي طاقتن جي اشاري تي رستي تان هٽايو ويو. سيف جي جنازي ۾ بيشمار ماڻهن جي شرڪت اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته چونڊن ۾ کيس شڪست ڏيڻ ممڪن نه هو، ۽ هو ئي ليبيا جو صدر بڻجي ها.

ان کان اڳ معمر قذافي جي پٽ معتسم قذافي کي 2011ع ۾ پنهنجي والد سان گڏ قتل ڪيو ويو هو.

قذافي جي ٻئي پٽ قامص قذافي کي به 2011ع ۾ قتل ڪيو ويو. قذافي جي ٽئين پٽ سيف العرب قذافي کي به ساڳئي سال ناٽو جي جنگي جهازن حملي ڪري قتل ڪيو هو ۽ هاڻي سيف السلام کي نشانو بڻايو ويو. معمر قذافي کي ست پٽ ۽ هڪ گود ورتل ڌيءَ هئي. عالمي استعمار آڏو وقار سان بيهڻ جي ڏوهه ۾، هو پاڻ ۽ سندس چار پٽ شهيد ٿي چڪا آهن. هاڻي باقي ٽن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ جي حالت ڇا ٿيندي، ان بابت ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. جيڪڏهن عالمي سامراج آڏو بيهندؤ ته پنهنجي جان ۽ خاندان جي قرباني ڏيڻي پوندي، ۽ قتل به پنهنجن ئي ماڻهن کان ڪرايو ويندو.

جيئن پاڪستان ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس ٻن پٽن ۽ هڪ ڌيءَ سميت شهيد ڪيو ويو.

هاڻي ماڻهن کي نام نهاد عرب اسپرنگ جي سازش سمجهه ۾ اچي وئي هوندي، ڪيئن پنهنجن محسنن ۽ هيروز کي پنهنجن ئي ماڻهن جي هٿان قتل ڪرايو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.