گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي اهميت ۽ ضرورت

تحرير: احمد خان جمالي

هٿ ٺوڪي پاڪستاني وفاق ۾ شامل سڀني قومي وحدتن جا ڏک، درد ۽ مسئلا به ساڳيا آهن  ته  درمان به ساڳيا آهن.

سنڌ ۾ هڪ درجن کان به وڌيڪ اهڙيون سياسي جماعتون آهن جيڪي قوم پرست سياست ڪرڻ جون دعويدار آهن. انهن جماعتن کان سواءِ اڌ ڊزن اهڙيون جماعتون به آهن جيڪي قومي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ سان گڏوگڏ ترقي پسند ۽ عوام دوست سياسي جدوجهد ڪرڻ جون دعويدار آهن. اهو درست آهي ته اهي سڀ قوم پرست ۽ ترقي پسند جماعتون، وقت بوقت، پنهنجو پاڻ ملهائينديون ۽ مڃائينديون به رهيون آهن.  پر انهن جماعتن جي اڪثريت صرف ان وقت سرگرم نظر ايندي آهي. جڏهن ڪٿي ڪو نه ڪو واقعو ٿيندو آهي يا مسئلو پيدا ٿيندو آهي . واقعو ٿڌو ته جماعتن جي قيادت به ٿڌي. مسئلو ھڪ پاسي ته همراھ به هڪ پاسي.

سنڌ ۾ صحافين جي ڪردار ۽ قربانين جو اعتراف ته وڪيل برادري جا نوان نوان رنگ ۽ ڪردار به اکين تي  پر ” مستقل مزاجي ، سنجيدگي ۽ مڙي مٺ ٿيڻ جي کوٽ جي ڪري سنڌ ۾ ڪابه موثر ۽ نتيجا خيز تحريڪ  هلائڻ بذات خود هڪ وڏو مسئلو آهي.

ڪنهن جي به نيڪ نيتي تي شڪ نه آهي  پر سياسي شعور ۽ دور انديشي جي کوٽ سان گڏ و گڏ  ذاتي انا  ”مان“ ۽ ”منهنجي پارٽي“ جهڙيون رڪاوٽون،  حقيقتون آهن.

اڄ سنڌ جي قومي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ جماعتن جي قوم پرست قيادت، بلوچستان جي قومي تحريڪ هلائيندڙ پرامن جدوجهد ڪندڙ قوتن کان پري ۽ لاتعلق بيٺل آهي، جنهن جو فائدو ڪنهن کي ۽ نقصان ڪنهن کي ٿي رهيو آهي؟

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ ڪردار سڀني جي اکين اڳيان آهي . پي پي جي بدحڪمراني جو فائدو  ايم ڪيو ايم وٺي  سنڌي- اردو وڇوٽي برقرار رکي نه صرف پنهنجو پاڻ کي جيئرو رکي رهيا آهن پر پنهنجن سرپرستن جو ڪم به آسان بڻائي رهيا آهن.

ٻين سڀني بنيادي حقن، پنهنجن سڀني وسيلن تي مڪمل اختيارن سان حق حاڪميت تسليم ڪرائڻ يقينن پنهنجا اجتماعي مسئلا آهن پر جيستائين سنڌ ۾ سنڌي زبان ۽ اردو زبان ڳالهائيندڙ شهري گڏجي، ڪلھو ڪلھي سان ملائي گڏيل مسئلن تي جدوجهد نه ڪندا تيستائين اسان جا مک مطالبا شايد تسليم ڪرائي سگهجن.

اها انتهائي خوشگوار، صحت مند ۽ حوصلو بخشائيندڙ ڳالھه آھي جو ڏينهون ڏينهن، اهڙن اردو ڳالهائيندڙ ديس واسين جو انگ وڌي رهيو آهي جيڪي نه صرف پنهنجو پاڻ کي سنڌي سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا آهن پر عملي طور تي صحتمند ۽ عوام دوست سياسي ڪردار پڻ ادا ڪري رهيا آهن.  جنهن جي لاءِ وڪيل برادري جو مثال به پيش ڪري سگهجي ٿو ته ساڳي وقت  جڏهن گل پلازا جي واقعي کي  لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ۾  شيطاني قوتن جي ناڪامي جو ذڪر پڻ ڪري سگهجي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته پيپلزپارٽي جي بدحڪمراني ،ايم ڪيو ايم کي جيئرو  رکڻ جو  انڌو منڊو جواز پيدا ڪري رکيو آهي، ۽ اهو به درست آهي ته ان بدحڪمراني ۽ سياسي شعور يا  سمجھه جي ڪمي يا هڪ ٻئي سان ميل جول، بحث مباحثي جي کوٽ يا هڪ ٻئي سان  انٽر ايڪشن  جي موقعن ۽ ماحول جي نه هجڻ جي ڪري ڪجهھ ايڪڙ ٻيڪڙ نوان مهانڊا  به پيدا ٿي  ٽان ٽان ڪندا رهن ٿا ۽ ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ به ٽان ٽان ڪندا ئي رهن  پر  اسان کي اهڙن مهانڊن جي مشتعل ڪندڙ ڳالھين تي نه ته مشتعل ٿيڻ گهرجي ۽ نه ئي انهن کي اردو ڳالهائيندڙ ديس واسين جو نمائندو يا ترجمان سمجھڻ گھرجي.  اسان کي انتهائي صبر، سهپ، سنجيدگي ۽ ذميواري کان ڪم وٺڻ گهرجي. اسان کي ھر وقت اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ۽ پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ڪرڻ گهرجي ته ”اسان جو ڪهڙو عمل، ڪهڙو ردعمل عمل ۽ ڪهڙو رويو سنڌ جي ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو“.

ڪڏهن به گند کي گند سان ڌوئبو يا صاف نه ڪبو آهي. جيڪڏهن اسان به انهن ايڪڙ ٻيڪڙ مهانڊن  وارو ساڳيو رويو اختيار ڪنداسين يا واھ واھ حاصل ڪرڻ جي لاء انهن وانگر ئي گاريون گند ڏينداسين ته پوءِ هنن ۾ ۽ پاڻ ۾ ڪهڙو فرق رهيو؟ قدم قدم تي سنجيدگي، برداشت، برد باري، ذميداري ۽ اهو احساس ۽ سوال ته سنڌ ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي تقاضا ڪهڙي آهي؟

سچ پچ ان وقت ڏاڍو سٺو لڳو جڏهن ڪجھه نه ڪجھه قوم پرست سياست ڪندڙ يا ترقي پسند ۽ عوام دوست سياسي جدوجهد ڪندڙ جماعتن جي قيادت  گل پلازا پهچي، متاثر ٿيل خاندانن سان يڪجهتي ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو.

سچي ڳالھه اها آهي ته ان موقعي تي، انهن حالتن ۾ سنڌ دوست ۽ انسان دوست قوتن کي اڃا وڌيڪ پنهنجائپ جو اظهار ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ ضرورت آهي. جيڪڏهن سنڌ جون سموريون ڏيڍ درجن سياسي جماعتون، سماجي تنظيمون، انساني حقن جي لاءِ آواز بلند ڪندڙ تنظيمون،  وڪيل، صحافي برادري،  آبادگارن ، ھارين ۽ ڪاروباري طبقي جون تنظيمون،  ڏک سک جي موقعي تي پاڻ مرادو اڳتي وڌي اردو زبان ڳالهائيندڙ خاندانن سان پنهنجائپ جو ڀرپور اظهار ڪندا رهن ته سچ پچ لساني بنيادن تي هڪ ٻئي کان پري رهڻ جي ماحول کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو ۽ گڏيل مسئلن جي بنياد تي گڏجي جدوجهد کي مضبوط ڪري ڪاميابي سان همڪنار ڪري سگهجي ٿو. جڏهن پاڻ اهو چئون ٿا ته ”سنڌ جا سمورا شهر پنهنجا آهن“ ته ان جو مطلب اهو ئي آهي ته اتي رهندڙ خاندان به پنهنجو ئي حصو آهن. ان ڪري جيڪڏهن ڪير  ناظم آباد يا لالو کيٽ يا فيڊرل بي ايريا يا نئين ڪراچي ۾ رهي ٿو ته به پنهنجو آهي ۽ جيڪڏهن لياري، ملير، مٺي، ڪشمور يا ڪاڇي جو آهي ته به پنهنجو آهي. ”سنڌ جو ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جو مفاد پنهنجائپ ۾ آهي ان ڪري پنهنجائپ پيدا ڪرڻ به پنهنجي ذميداري آهي.“

جيڪڏهن سنڌ جون سموريون ڏيڍ درجن سياسي جماعتون، سماجي تنظيمون، انساني حقن جي لاءِ آواز بلند ڪندڙ تنظيمون،  وڪيل، صحافي برادري،  آبادگارن ، ھارين ۽ ڪاروباري طبقي جون تنظيمون،  ڏک سک جي موقعي تي پاڻ مرادو اڳتي وڌي اردو زبان ڳالهائيندڙ خاندانن سان پنهنجائپ جو ڀرپور اظهار ڪندا رهن ته سچ پچ لساني بنيادن تي هڪ ٻئي کان پري رهڻ جي ماحول کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو ۽ گڏيل مسئلن جي بنياد تي گڏجي جدوجهد کي مضبوط ڪري ڪاميابي سان همڪنار ڪري سگهجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.