هن وقت دنيا جي آبادي لڳ ڀڳ 8 ارب ٿي چڪي آهي. هن وقت به هڪ ارب ماڻهو اهڙا آهن جن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ٻن وقتن جي ماني به نصيب ڪونه ٿئي ٿي. پر وري ٻئي طرف اهڙا ماڻهو به آهن جن وٽ دولت جا انبار ته آهن پر اها دولت سندن سڪون کسي ورتو آهي. ۽ اهي ماڻهو سڪون جي تلاش ۾ هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪي رهيا آهن. ائين به ناهي ته دولت هجڻ سان خوشي ملي ٿي. بلڪل نه، دولت وقت سر ڪم ضرور اچي ٿي پر سڪون ۽ صحت ان سان جڙيل ناهي. دولت جي ڍير تي ويٺل انهن ارب پتي ماڻهن دنيا جي اڳواڻن کي هڪ خط لکيو آهي ته سندن دولت ۾ تيزي سان ٿيندڙ اضافي سبب هو ڏاڍا پريشان آهن. ان لاءِ مٿن سپر ٽيڪس لڳايو وڃي ته جيئن اهي سڪون سان ننڊ ۽ آرام سان زندگي گذاري سگهن. پر آءُ سمجهان ٿو ته سندن اها سوچ ۽ خيال غلط ناهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ماڻهوءَ وٽ پنهنجي استعمال کان وڌيڪ دولت آهي ته هو پنهنجي ارد گرد رهندڙ غريب ماڻهن ۾ دولت ورهائي. بکئي پيٽ سمهندڙن کي کاڌو کارائي يا انهن جي اگهاڙن لڱن کي ڍڪي پرسڪون ۽ آرام واري زندگي به گذاري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته دم نڪرڻ کان پوءِ اڪيلي سر قبر ۾ منهن ڏيندو ۽ سندس جسم تي 2 ميٽر ڪپڙو پهريل هوندو. ان کان بهتر آهي ته هو پنهنجي دولت غريبن ۾ تقسيم ڪري ان سان سندن کي روحاني سڪون ملي سگهي ٿو. بهرحال دنيا جي انهن ارب پتي ماڻهن جو خيال آهي ته غير ورهاست سبب بني نوع انسان لاءِ وڏو خطرو پيدا ٿي رهيو آهي ۽ امير ۽ غريب جي وڌندڙ فرق سبب دنيا ۾ وڏا خطرا وڌي رهيا آهن ۽ ان معاملي تي سنجيدگي سان ڪوششون ورتيون وڃن.
دنيا جي امير طبقي تي نظر رکندڙن انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا جي 2 سيڪڙو اميرن ماڻهن وٽ عالمي آبادي جي گڏيل طور سرمايو کان وڌيڪ دولت موجود آهي. ٻئي طرف بدگماني اها آهي ته هر ٻئي ڏينهن تي هڪ ماڻهو بک ۽ بدحالي جي فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿيندي زندگيءَ جي جنگ هارائي رهيو آهي. هوڏانهن بک بدحالي سبب ماڻهو مري رهيا آهن ته وري ٻئي طرف 2025 ۾ ارب پتي ماڻهن جي دولت ۾ 7 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان لاءِ 2025 گذريل سال کي ارب پتي ماڻهن جو سال چيو وڃي ٿو. ايلن مسڪ جي دولت ۾ کربن ڊالرن جو اضافو ٿيو آهي. ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وٽ 8 ارب ڊالر آهن جيڪو هڪ ڪاروباري شخص آهي سندس دولت ۾ پڻ وڏو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
دولت جي اڻ برباري سبب اڪثر ماڻهن جي دولت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ امير توڙي غريب جي زندگيءَ ۾ وڏو فرق روز روز وڌي رهيو آهي. جنهن سان معاشري جي حالت بگڙجي رهي آهي ۽ ماڻهن جي احساس ڪمتري توڙي احساس محرومي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. غربت جا اثر آفريڪا، ايشيا جنهن ۾ ڀارت، بنگلاديش، پاڪستان، سري لنڪا، وغيره اچن ٿا ۽ خود سپر پاور آمريڪا ۾ صوتحال بگڙيل نظر اچي ٿي. دولت جي نشي ۾ ماڻهو غريب ماڻهن تي حاوي ٿي رهيا آهن. ۽ اهي ماڻهو معاشي انصاف کي ناممڪن بڻائي رهيا آهن. اهڙي طرح امير امير ۽ غريب غريب ته ٿيندو پيو وڃي. هڪ اندازي موجب هن وقت دنيا جي اڌ دولت هڪ سيڪڙو امير طبقي جي ڪنٽرول ۾ آهي. جڏهن ته 40 سيڪڙو ماڻهن جي حصي ۾ صرف روزانو 5 ڊالر اچن ٿا. ڊونلڊ ٽرمپ خود هڪ ارب پتي ماڻهو آهي. اهو هڪ اتفاق ناهي بلڪه اهو اسان جي معاشري جو نظام آهي. جيڪو اميرن کي اڳتي وڌڻ ۽ نادارن ۽ مسڪين کي پوئتي ڌڪڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو. ۽ اهو نظام دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ڪنهن نه ڪنهن شڪل ۾ موجود آهي. پاڪستان ۾ پڻ هن نظام جي شڪل کولي آهي. هن پاڪستان ۾ 15 سيڪڙوماڻهن وٽ ملڪ جي 50 سيڪڙو دولت آهي. جڏهن ته باقي ماڻهو مشڪل سان گذارو ڪن ٿا.
پاڪستان تيزي سان پگهارن تي ڀاڙيندڙ ملڪ بڻجي رهيو آهي. ۽ پگهاردار طبقو سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيئي ٿو. قومي افرادي قوت ۽ ملازمن جو انگ وڌندي 60 سيڪڙو تائين رهجي ويو آهي. حڪومت خود معاشي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. پاڪستان صف قرضن تي هلي رهيو آهي. ٽيڪنالوجي جو جيڪڏهن پاڪستان ۾ انقلاب اچي وڇي ته ڏاڍو ڪارآمد ٿي سگهي ٿو خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ آرٽيفيشل انٽيلجنسي ۾. پاڪستان کي زراعت جي ترقي، صفتن جي واڌاري تي خاص توجهه ڏيڻ گهرجي. ملڪ جو معاشي نظام اهڙو هجڻ گهرجي. جنهن سان غريب جي حالت به بهتر ٿي سگهي. ملڪ ۾ بجلي ۽ گئس جي قيمتن کي گهٽ ڪيو وڃي ته جيئن ملڪ معاشي طور ترقي ڪري سگهي.