سنڌ جي قديم، علم دوست ۽ ادب پرور شهر شڪارپور جي سيني مان جن ادب ۽ علم دوست شخصيتن جنم ورتو آهي، تن ۾ شاعر، اديب، ڪالم نويس، مترجم ۽ سلڇڻي ڪردار اظهر علي مغل آزاد جو نالو ڪنهن چمڪندڙ موتيءَ کان گهٽ ڪونهي. هو هڪ استاد سان گڏ، فڪر، شعور، لفظن ۽ ذميواريءَ جو اهو مسافر آهي، جيڪو وقت جي تيز وهڪري ۾ پنهنجي ڏات ۽ ساڃهه سان سخن ور واري سڃاڻپ برقرار رکڻ ڄاڻي ٿو.
شڪارپور جي صدر محلي ۾ حاجي ارباب علي مغل جي گهر جنم وٺندڙ اظهر علي مغل، ورثي ۾ نالي سان گڏ اخلاق، محنت ۽ سچائيءَ جو سرمايو کڻي پيدا ٿيو. سندس تعليمي سفر به شڪارپور جي انهن ئي درسگاهن مان شروع ٿيو، جتي علم سان گڏ شعور سيکاريو ويندو آهي. گورنمينٽ سنڌي پرائمري صدر اسڪول، گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون، شڪارپور جو مشهور سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ۽ آخر ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن ڪئي، اهي سڀ مرحلا سندس ذهني تشڪيل، فڪري پختگي ۽ ادبي شعور جا اهم سنگ ميل آهن. انهن ادارن ۾ رهندي آزاد لفظن کي صرف لکڻ نه، پر انهن کي معنى ڏيڻ سکيو.
پيشيوراڻي زندگيءَ ۾ هو هڪ بهترين استاد طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو ڪتابن سان گڏ شعور، اخلاق ۽ انسانيت پڙهائي ٿو. 2001ع کان 2008ع تائين آرمي پبلڪ اسڪول شڪارپور ۾ جهڙي منظم اداري ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کان پوءِ، 8 آگسٽ 2008ع تي تعليم کاتي سنڌ ۾ ايڇ ايس ٽي طور مقرر ٿيو. ڪجهه عرصو رحيم آباد اسڪول ۾ رهڻ کان پوءِ، شڪارپور جي جڳ مشهور گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون شهيد الله بخش ۾ مقرر ٿيو، جتي هو خود به شاگرد رهيو ۽ هڪ شاگرد جو پنهنجي ئي درسگاهه ۾ استاد بڻجڻ ۽ علم جا ڏيئا ٻارڻ، هر لحاظ کان فخر جو مقام آهي.
ادبي دنيا ۾ سندس قدم 1990ع ۾ پيو ۽ اڄ تائين اهو سفر رڳو جاري نه، پر وڌندڙ ئي آهي. هڪ اديب، نثرنويس ۽ شاعر جي حيثيت ۾ اظهر علي مغل آزاد لفظن سان ڀرپور وفاداري نڀائي آهي. سندس شاعريءَ ۾ ڌرتي، انسان، محبت ۽ روحاني وابستگيءَ جو گهرو احساس ملي ٿو. هو ڌرتيءَ سان نينهن جو اظهار ڪندي لکي ٿو:
نقشو منهنجي نگريءَ جو، ڪيڏو آهي سندر،
سوئي آهي وندر، سوئي ورونهن روحَ جي…
اخباري ڪالم نويس جي حيثيت ۾ سندس لکڻيون سنڌ جي مختلف اخبارن توڙي اردو ۽ انگريزي ۾ پڻ ڇپجنديون رهن ٿيو.
ٻارن جي ادب ۾ به سندس اهم ڪردار آهي. نئين دور جون نيون ڪهاڻيون سندس ترجمو ٿيل ڪهاڻين جو ڪتاب آهي، جنهن ۾ ڊان اخبار جي ٻاراڻي رسالي Young World ۽ دي نيوز جي ٻاراڻي رسالي Us ۾ ڇپيل ڪهاڻين جا سنڌي ترجما شامل آهن. اظهر علي مغل جو قلم محض جمالياتي نه، پر مزاحمتي، سچو ۽ سنڌ دوست آهي. سنڌ جا اشوز هجن، شهري مسئلا هجن يا سماجي ناانصافيون، هو لفظن جو عَلم کڻي مظلوم سان گڏ بيهي ٿو.
سماجي شعور ۽ عملي ڪردار جي حوالي سان اظهر آزاد صرف ليکڪ ئي ناهي، پر سوال کڻندڙ، ذميواري نڀائيندڙ ۽ سماج سان ڳنڍيل متحرڪ انسان آهي. ادبي، علمي ۽ سماجي سرگرمين ۾ سندس موجودگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ادب، جڏهن سماج سان جُڙي ٿو، تڏهن تبديليءَ جو اثرائتو اوزار بڻجي ٿو. اظهر علي مغل آزاد جي شخصيت هڪ ئي وقت استاد، شاعر، اديب ۽ سماجي شعور جو حوالو آهي، اهڙيون متحرڪ ۽ جاکوڙي شخصيتون نه رڳو شهرن جي زينت، پر تهذيبن جي تسلسل جو سبب بڻجن ٿيون، هو هڪ اهڙو استاد آهي جيڪو درس زندگيءَ ۽ انسانيت جو ڏئي ٿو!
هو هڪ شاعر آهي، جيڪو لفظن کي جذبات، سچ ۽ آدرشن سان ڳنڍي ٿو! هو هڪ اديب آهي جيڪو پاڻ کي ماڻهن کان مٿانهون ڪين ٿو سمجهي بلڪي ماڻهن سان گڏ بيهي ٿو! وثوق سان چئي سگهجي ٿو ته روشن خيال ۽ ترقي پسند اديب ۽ شاعر اظهر مغل پنهنجي ڏات جا ڏيئا ائين ئي روشن رکندو ۽ پنهنجي قلم سان ديس واسين جي حقن جي آواز جي ترجماني ڪندو رهندو.