لاهور جا رهواسي لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن کان پوءِ بسنت ملهائڻ ۾ مصروف هئا. هر طرف خوشيءَ جو ماحول هو. ملڪي توڙي غير ملڪي آيل مهمانن جو هجوم لڳل هو. ڪراچيءَ کان هڪ ئي ڏينهن ۾ ٻاويهه پروازون لاهور پهتيون هيون. آسمان ۾ هر پاسي لغڙ ئي لغڙ هئا، هر گهر ۾ کاڌا پچايا پئي ويا. هنڌ هنڌ ماڻهن جا ميڙا لڳل هئا. گيت ڳايا پئي ويا، دهل وڄايا پئي ويا. اهو بسنت جو پهريون ڏينهن هو ۽ ايندڙ ٻه ڏينهن به اهو سلسلو جاري رهڻو هو. ثقافت سياست تي غالب اچي وئي هئي. پارٽي سياست کان بي نياز لاهوري هڪ ٿي چڪا هئا. نه ڪٿي پي ٽي آءِ نظر اچي رهي هئي، نه مسلم ليگ (ن). لاهور ۾ جيڪو به هو، سو رڳو لاهوري هو. بسنت ملهائي رهيو هو يا ته لغڙ اڏائي رهيو هو يا اڏائيندڙن کي داد ڏئي رهيو هو.
وزيراعليٰ مريم نواز شريف لاهور جي گهٽين ۾ گهمي رهي هئي، ڪٿي هٿ لهرائي رهي هئي ته ڪٿي ماڻهن سان هٿ ملائي رهي هئي. ٻارن ۽ عورتن کي ڀاڪر پائي رهي هئي. ايندڙ ڏينهن لبرٽي چوڪ ۾ هڪ وڏي ميڙ کي خطاب ڪرڻو هو، لاهورين جو شڪريو ادا ڪرڻو هو ۽ پوري پنجاب ۾ بسنت ملهائڻ جو ارادو ظاهر ڪرڻو هو ته اوچتو خودڪش ڌماڪي جي خبر اچي وئي.
اسلام آباد جي ڀرپاسي ۾ هڪ وڏي مسجد تي جمعي جي نماز دوران حملو ٿيو. ڪيترن ماڻهن جي شهادت ۽ درجنين جي زخمي ٿيڻ جون خبرون مليون. اها خبر باهه وانگر پکڙجي وئي. هر دل اداس ٿي وئي. بسنت جون سرڪاري تقريبون منسوخ ڪيون ويون. منظر مڪمل طور بدلجي ويو، پر ان واقعي حوصلن کي ٽوڙيو نه. دهشتگردن خلاف غصي سان ڀريل ماڻهو کين سندن انجام تائين پهچائڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا، پر انهن جي هٿان يرغمالي ٿيڻ لاءِ تيار نه هئا.
خودڪش ڌماڪي ماحول کي متاثر ضرور ڪيو، بسنت کي به محدود ڪري ڇڏيو، پر بسنت پنهنجو ڪم ڏيکاري چڪي هئي. سياسي وايو منڊل مڪمل طور تي بدلجي چڪو هو. لاهوري، لاهوري بڻجي چڪا هئا، سياسي ورهاست کي پوئتي ڇڏي چڪا هئا. انهن کي احساس ٿي رهيو هو ته هڪ ٻئي سان اختلاف باوجود به هو پاڻ ۾ جڙيل آهن. اسلام آباد ڌماڪي جي ذميواري داعش قبول ڪئي، پر ذميواري ڪو قبول ڪري يا نه، پاڪستان جا ماڻهو چڱيءَ ريت ڄاڻن ٿا ته اهڙن حملن جي پويان ڪير آهي. افغانستان جي زمين دهشتگردن کي پناهه ڏئي رهي آهي ۽ ڀارت انهن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي. اسرائيلي هٿ جي نشاندهي به ڪئي پئي وڃي. پاڪستان ڪيترن سالن کان دهشتگردي کي منهن ڏئي رهيو آهي. هزارين جانيون قربان ٿي چڪيون آهن، اربين ڊالرن جو معاشي نقصان ٿي چڪو آهي، پر اسان حوصلو نه هاريو آهي.
اسلام آباد ڌماڪي کان ٻه ڏينهن اڳ پشاور مان هڪ خوشگوار خبر آئي هئي. وزيراعليٰ سهيل آفريدي جي اڳواڻي ۾ ايپڪس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اعليٰ فوجي ۽ سول عملدار موجود هئا. ان اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل اعلاميي قوم کي نئون حوصلو ڏنو. ان جا نڪتا وري پڙهڻ، بلڪه ياد ڪرڻ گهرجن:
دهشتگردي خلاف جامع پاليسي جي ڪاميابي لاءِ سڀني سياسي جماعتن، عوامي نمائندن، معزز شخصيتن ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل مشاورت، سهڪار ۽ عملي هم آهنگي ضروري آهي. وڌيڪ چيو ويو: صوبو خيبرپختونخوا پنهنجي سڀني وسيلن، فوج، پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ٻين ادارن سميت استعمال ڪندي ڪنهن به قرباني کان پاسو نه ڪندو. اها ڊگهي مدي واري حڪمت عملي دهشتگردي جي سڀني سببن جي سڃاڻپ، انهن جي خاتمي ۽ عوامي اعتماد جي بحالي کي يقيني بڻائيندي. اهو به واضح ڪيو ويو ته: بهتر حڪمراني دهشتگردي خلاف قوم کي گڏ ڪري سگهي ٿي. پهرئين مرحلي ۾ دهشتگردي کان متاثر علائقن کي ماڊل گورننس ضلعن ۾ تبديل ڪيو ويندو ۽ ترقياتي، سماجي ۽ معاشي محرومين جو ازالو ڪيو ويندو. وزيراعليٰ صاف لفظن ۾ چيو، امن امان لاءِ سول حڪومت، انتظاميه، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ صف ۾ آهن. هي اسان سڀني جي گڏيل جنگ آهي، جيڪا گڏيل ڪوششن سان ئي کٽي سگهجي ٿي.
ايپڪس ڪميٽي جو هي اعلاميو قومي اعلاميو به سڏجي سگهي ٿو. هي هر پاڪستاني جي دل جي آواز آهي. هي جنگ ڪنهن هڪ جماعت، صوبي يا علائقي جي نه، پر پوري پاڪستان جي جنگ آهي. دهشتگرد آمريڪي هٿيارن سان ليس هجن يا خودڪش جيڪٽ پاتل، کين ڀارت يا اسرائيل جي حمايت حاصل هجي، پاڪستاني قوم جو اتحاد ۽ عزم اهڙي فولادي ديوار آهي، جنهن سان ٽڪرائي اهي هميشه ٽٽندا رهيا آهن ۽ ٽٽندا رهندا.
قوم جي وڏن کي وڏائيءَ جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻئي کي وڏو مڃڻ گهرجي. پنهنجي وڏائي جي نشي ۾ رهندڙ ننڍا ٿي ويندا آهن، جڏهن ته ٻين کي عزت ڏيندڙ پاڻ به وڏا بڻجي ويندا آهن. پاڪستاني سياست کي وڏا وڏا اڳواڻ مليا، جن کي ڪروڙين چاهيندڙ به نصيب ٿيا. انهن عوام کي شعور ڏيڻ جا دعوٰي ڪيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان تي ناز ڪندو هو ۽ اڄ عمران خان جا ساٿي ان تي فخر ڪن ٿا. حيرت جي ڳالهه اها آهي ته جيڪي عوام کي شعور ڏيڻ جا دعويدار آهن، اهي پاڻ شعور جي اهميت به نٿا سمجهن. مخالفن کي برداشت نٿا ڪن.
ذوالفقار علي ڀٽو مخالفن کي ختم ڪندي ڪندي پاڻ به اهڙي جاءِ تي پهچي ويو، جتان ڪو واپس نه ٿو اچي. اڄ به عظمت جي نشي ۾ مبتلا اڳواڻ برداشت، تحمل ۽ رواداري جا سبق ڏين ٿا، پر پاڻ انهن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن اهو سبق ياد ڪيو وڃي ته دل جا دروازا کلي پوندا. ۽ جڏهن دل جا دروازا کلندا، ته جيل جا دروازا به بند نه رهندا. هڪ ٻئي جي نفي ڪري اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون. هن خانا جنگي کي ختم ڪرڻو پوندو. پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي، جنهن جو لکيل آئين آهي. آئين ۾ هر اداري جون حدون ۽ اختيار واضح آهن. پارليامينٽ آئين جي ماءُ آهي، ڇو ته ان آئين ٺاهيو ۽ ان ۾ تبديلي جو حق به رکي ٿي. پارليامينٽ عوام سان جڙيل آهي، عوام جي پيداوار آهي.
پارليامينٽ ۾ پهچندڙ، اقتدار ۽ اپوزيشن ۾ ذميواريون نڀائيندڙ، عوامي شعور جون نشانيون ۽ محافظ آهن. اقتدار ۾ ويٺل ڪالهه ڪٿي هئا؟ اڄ اختلاف ڪندڙ سڀاڻي ڪٿي هوندا؟ هن حقيقت کي نظر ۾ رکي، هڪ ٻئي کي سنڀاليو. هڪ ٻئي جي طاقت بڻجو. نه ته وڏو کان وڏو طاقتور به ڪمزور ٿي پوندو.