اسلام آباد واقعو ايجنسين جي ناڪامي آهي\فضل الرحمان

اسلام آباد(بيورو)جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اسلام آباد ۾ ٿيل ڌماڪي جي سخت مذمت ڪندي ان کي ايجنسين جي ناڪامي قرار ڏنو آهي۔پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد ڌماڪو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت آهي، حملي آور انسانيت جا دشمن آهن، جيڪي ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن،هن چيو ته خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان کان پوءِ هاڻي اسلام آباد ۾ به لڳاتار دهشتگرد ڪارروايون ٿي رهيون آهن، ملڪ جو ڪو به حصو دهشتگردن کان محفوظ ناهي، اهڙن بدترين حالتن ۾ ادارن جو پنهنجي ڪارڪردگيءَ تي فخر ڪرڻ سواليا نشان آهي،هن چيو ته سانحن کان پوءِ حڪمرانن جا دورا ۽ صرف مذمتي بيانن تي ڀاڙڻ سان قوم کي مطمئن نٿو ڪري سگهجي، درجنين انٽيليجنس ايجنسين جي موجودگي باوجود اسلام آباد ۾ مقدس ڏينهن کي رت سان رنگيو ويو، هي حملو ايجنسين جي واضح ناڪامي آهي۔هن چيو ته رياستي ادارا آخر ڪڏهن عوام جي مايوسيءَ جو ازالو ڪندا؟ ڪڏهن عوام جي زخمن تي مرهم رکندا؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.