سوڳ طور بسنت ملتوي ڪريو:ليگي اڳواڻ

لاهور(بيورو)ن ليگ جي ناراض اڳواڻ آصف ڪرماڻي ٽوئيٽ ڪيو آهي ته بسنت جو تهوار ماضي ۾ صرف هڪ ڏينهن ملهايو ويندو هو، پر هن ڀيري ٽن ڏينهن لاءِ شاهي فرمان جاري ڪيو ويو آهي. بلوچستان ۾ تازن واقعن ۽ اڄ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جي واقعي سبب پيدا ٿيل ڏک ۽ سوڳ جي احترام ۾ هن تهوار کي فوراً ملتوي ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت ان کي ملتوي نٿي ڪري، ته زنده دلانِ لاهور کي پاڻمرادو بسنت ملتوي ڪري ڇڏڻ گهرجي.

  1. عوام جا حقيقي نمائندا نه هئڻ ملڪ جو اصل مسئلو؟

اسلام آباد( فيصل وڙائچ)پاڪستان جو اصل مسئلو اهو آهي ته عوام جا حقيقي نمائندا نه چونڊجي سگهيا آهن. دهشتگرد سخت گير حڪومتن کي جواز فراهم ڪن ٿا ته انساني حقن کي دٻايو وڃي. جنهن وٽ طاقت آهي، اهو اوترو ئي ذميوار پڻ آهي. هٿيار ۽ بندوقون قتل ۽ بربادي کانسواءِ ڪجه حاصل نٿيون ڪري سگهن. ڪم ڪرڻ مشڪل آهي، نفرت ڦهلائڻ آسان آهي، ۽ اهي اهو ڪندا آهن.معاشري کي انتهاپسند ڪرڻ هڪ نفسياتي سائنس آهي، دنيا هن کي ڄاڻي ٿي. پاڪستان ۽ دنيا ۾ ڪمزور ۽ طاقتور جي فرق کي سمجهڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، پر انهن عنصرن کي ڌار رکڻو پوندو جيڪي انساني حقن جي نالي تي قتل ۽ دهشتگردي ڪن ٿا.پاڪستان جو حقيقي خواب اهو آهي ته عوام جا حقيقي نمائندا حڪومت ڪن، جوابده هجن، شفافيت هجي، ملڪ جي حفاظت لاءِ مضبوط فوج هجي جيڪا سياست ۾ مداخلت نه ڪري، ۽ آئيني ڍانچي کي بهتر ڪيو وڃي. پر ڪنهن به دهشتگرد کي اهڙي جواز نه ڏيڻو وڃي ته هو ان خواب جي نالي تي عالمي ايجنڊا اڳتي وڌائي.دهشتگردي انساني حقن ۽ آزاديءَ جي جدوجهد ۾ ڪابه مدد نٿي ڪري، بلڪه رڪاوٽ بڻجي ٿي. پاڪستان ۾ ٻه قسم جا ماڻهو آهن: هڪ طرف اهي جيڪي ملڪ کي قائم ۽ پرامن رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، ۽ ٻئي طرف اهي جيڪي ريڊيڪلائيز ايجنڊا تحت ملڪ ۾ ڏڦيڙ ۽ قتلام ڦهلائڻ چاهين ٿا.پراڪسيز، نظرياتي ناهن. انساني حقن جي تحفظ لاءِ ضروري آهي ته جيڪي حق موجود آهن، انهن جي حفاظت ڪئي وڃي ۽ جيڪي موجود ناهن، انهن لاءِ جدوجهد ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.