حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو سان سندس رھائشگاھ قاسم آباد تي سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي ڪميٽي جي وفد سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو، يوسف لاشاري، ڪامريڊ غلام حسين سولنگي، حبيب الله پليجو جي اڳواڻي ملاقات ڪئي کيس سنڌي ھاري تحريڪ جي تنظيم سازي جي رپورٽ ڏني، ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڳالھائيندي چيو ته ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالا باغ ڊيم، ضياء جي دور ۾ صحافين جي جدوجھد زمينن جي نيلامي سميت سنڌ جي تاريخي جدوجھدون ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. پيپلز پارٽي 18 سالن جي حڪمراني ۾ سنڌ کي سرداري نظام، وڏيرا شاھي، جرڳائي سٽم ، جو مرڪز بڻائي ڇڏيو آھي. جيستائين پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت اقتدار تي قابض رھندي تيستائين سنڌ جا ھاري خوشحال نه ٿي سگھندا. اياز لطيف پليجي چيو ته اقتدار تي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن مافيا جو قبضو آهي حڪمران طبقو بادشاھي زندگي گذاري ٿو، سنڌ سميت ملڪ جي سمورن وسيلن کي لٽيو ويو، پر ھاري مزدور، شاگرد، استاد ۽ پورھيت طبقو اڃان تائين بنيادي انساني حقن کان محروم آھن اياز لطيف پليجي چيو ته مھانگائي تمام گھڻي وڌي وئي آھي، سنڌ جي اڪثريتي آبادي ھاري، مزدور، پورھيت، دڪاندار، ننڍو روزگار ڪندڙ ماڻھو مسلسل بدحالي طرف وڌي رھيا آھن، غربت وڌي رھي آھي، المناڪ صورتحال اھا آھي جو جن وٽ پئسو آھي اھي ماڻھو تيزي سان ٻين ملڪن ڏانھن منتقل ٿي رھيا آھن. تمام گھڻا ٽيڪس مڙھي ھر شعبي جي ماڻھو کي نپوڙيو پيو وڃي، عوامي ٽيڪس مان عوام کي تعليم، صحت سميت بنيادي سھولتون ڏيڻ بدران حڪمرانن پنھنجي زندگي بادشاھي واري بڻائي ڇڏي آھي، عوام جو مسئلو سستي اٽو آھي، روزگار آھي، معاشي خوشحالي آھي، وفاق ۽ سنڌ ۾ ويٺل حڪمران حقيقي عوامي مسئلن تي ڪم ڪن، سنڌ غريبن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو ته پر ڪنهن ڪرپٽ وزير ۾ هٿ نٿو وڌو وڃي.