اسلام آباد (بيورو) ملڪ ۾ رمضان المبارڪ کان اڳ ئي مهانگائي مٿي ٿيڻ لڳي، گذريل مهيني (جنوري) ۾ ملڪ ۾ مهنگائي جي شرح 0.39 سيڪڙو اضافي سان سالانه بنيادن تي 5.80 سيڪڙو\رڪارڊ ڪئي وئي، وفاقي شماريات واري اداري طرفان مهانگائي بابت ماهوار رپورٽ جاري ڪئي وئي، شماريات جي اداري جي انگن اکرن موجب، جنوري 2026 ۾ ماهوار بنيادن تي زندہ برائلر گوشت 16 سيڪڙو، ڪڻڪ 10 سيڪڙو، ٽماٽر 7 سيڪڙو ۽ اٽو 4.8 سيڪڙو تائين مهانگا ٿيا، ان سان گڏ، مصالا ، مڇي، بيڪري آئٽمز، مڱن جي دال، خشڪ ميووا، خشڪ کير ۽ گوشت جي قيمتن ۾ پڻ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، ٻئي طرف جنوري ۾ بصر ۽ پٽاٽا 28 سيڪڙو سستا ٿيا، جڏهن ته مجموعي طور تي سبزيون 16.59 سيڪڙو سستي ٿيون، چيني جي قيمت ۾ 9.6 سيڪڙو ۽ آنن جي قيمت ۾ 6 سيڪڙو گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي.