سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٿري ايم پي او تحت گرفتاريون چئلينج

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جي ايم پي او ثري جي  تحت گرفتارين کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو، درخواست پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي جنرل سيڪريٽري منصور علي ۽ ٻين پاران داخل ڪئي وئي آهي، درخواست ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري گهرو سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.درخواستگذان پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته پهرين فيبروري تي سنڌ حڪومت ايم پي او ٽري تحت نوٽيفڪشن جاري ڪيو ۽ پي ٽي آءِ جي 180 ڪارڪنن جي نظربندي جا حڪم جاري ڪيا، پاڪستان تحريڪ انصاف 8 فيبروري تي شٽر ڊائون هڙتال ۽ پرامن احتجاج جو اعلان ڪيو هو، درخواستگذارجي  وڪيل علي طاهرچيو ته ايم پي او تحت جاري ڪيل نوٽيفڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، عدالت درخواست جي فوري ٻڌڻي جي درخواست قبول ڪري ورتي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.