حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ٽينڪر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، هڪ ڄڻو سڙي فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، سي اين جي اسٽيشن مڪمل طور سڙي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد باءِ پاس تي واڌو واهه ڀرسان اسٽار سي اين جي اسٽيشن وٽ بيٺل ايل پي جي سان ڀريل ٽينڪر ۾ ڌماڪي بعد باهه لڳي وئي، باهه ٿوري ئي وقت ۾ سڄي ٽينڪر کي وڪوڙي ورتو، جيڪا وڌندي سي اين جي اسٽيشن ۽ پمپ پويان موجود هڪ گهر تائين پکڙجي وئي، ريسڪيو عملدارن موجب باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ ٽي فائر برگيڊ جو استعمال ڪيو ويو، باهه سي اين جي اسٽيشن پويان هڪ گهر کي به پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو پر بروقت ڪارروائي ڪندي گهر ۾ لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو، وڏين ڪوششن بعد ريسڪيو عملدارن سي اين جي اسٽيشن ۽ ٽينڪر لڳل باهه وسائي ورتي، باهه وسائڻ کان پوءِ واقعي واري هنڌ تان هڪ سڙيل لاش هٿ آيو، جڏهن ته هڪ ماڻهو زخمي ٿي پيو، سڙيل لاش ۽ زخمي کي اسپتال پهچايو ويو، جتي لاش جي سڃاڻپ الاهي بخش ڇڄڙو طور ٿي آهي.