پاڻي تي ڌاڙي خلاف مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي وفاقي حڪومت پاران ٻيهر تڪراري سنڌ دشمن ڪئنالن جي اڏاوت ۽ چناب تي ٽن ڊيمن جي غير قانوني پي سي ٽو تيار ڪرڻ جي مذمت ڪندي چيو آھي  ته ملڪ اڳ ۾ ئي سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آھي. حڪومت  جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن. انڊس رور سسٽم تي ڪو به نئون ڪئنال يا ڊيم قبول نه ڪيو ويندو. پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين. هن چيو ته  سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي پاڻي چوري ڪيو وڃي ٿو. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. ڪوٽڙي کان ھيٺ واري پئي اڏامي. پاڻي نه  ملڻ ڪري سنڌ جون لکين ايڪڙ آباد زمينون بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويون آھن. آبادگارن جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.