اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو آهي ته اسان کي اهو به معلوم ناهي ته ڪهڙي آپريشن ٿيٽر ۾ عمران خان جو علاج ڪيو ويو.بئريسٽر گوهر سميت پاڪستان تحريڪِ انصاف جي ٻين اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان جي ڀينرن کي اجازت ڏني وڃي ته جيئن هو پنهنجي ڀاءُ سان ملاقات ڪري سگهن.باني پي ٽي آءِ جي بيماري ڇو لڪائي وئي؟هوڏانهن اسد قيصر چيو آهي ته عمران خان جي صحت بابت سخت ڳڻتي آهي، ڇاڪاڻ ته کيس پمز اسپتال ۾ اکين جو ڪو طبي پروسيجر ڪيو ويو، پر ان بابت اڃا تائين ڪا به ميڊيڪل رپورٽ سامهون نه آندي وئي آهي. هن چيو ته حڪومتي وزير مسلسل غلط بياني ڪري رهيا آهن.هن چيو ته اسان ملڪ ۾ آئين جي بالادستي، آزاد عدليه ۽ عدالتي تحفظ چاهيون ٿا. اسان اهڙي عدليه جا خواهشمند آهيون، جيڪا هر قسم جي دٻاءَ کان آزاد هجي ۽ آئين مطابق فيصلا ڪري.